24 بدھ , اکتوبر 2018

ن ليگ چونڊون کٽڻ لاءِ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو ڪوڙو اعلان ڪيو: ضياءُ الحسن لنجار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته مسلم ليگ ن پنجاب کي پاڪستان سمجهندي اهي جڏهن ته اليڪشن کڏڻ لاءِ لوڊشيڊنگ ختم ڪرائڻ جا ڪوڙا اعلان ڪيا ويا آهن. تفصيل موجب لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ واري دعويٰ تي قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو اعلان رڳو پنجاب لاءِ ڪيو ويو آهي ۽ اهو ڪوڙو اعلان چونڊون کٽڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن پنجاب کي پاڪستان سمجهندي آهي ۽ ن ليگ جا قدم وفاق کي ڪمزور ڪري رهيا آهن جڏهن ته ايندڙ چونڊون پيپلز پارٽي ئي کٽندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے