12 بدھ , دسمبر 2018

دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کان آگاهه آهيون: آمريڪي بچاءَ وارو وزير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کان آگاهه آهيون. وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ بچاءَ واري واري وزير خرم دستگير، پرڏيهي وزير خواجا آصف، قومي سلامتي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ (ر) ناصر خان جنجوعا ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم مختار شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ آمريڪا طرفان بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس سان گڏ پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل ۽ افغانستان ۾ آمريڪي فوجي جنرل به موجود هئا. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي آمريڪا جي بچاءَ واري وزير سان ملاقات جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. بيان موجب جيمز ميٽس جي دوري جو مقصد پاڪستان سان لاڳاپن کي ڊيگهه ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هاڪاري ۽ لاڳيتن لاڳاپن لاءِ گڏيل رستو ڳولڻ آهي. آمريڪي بچاءَ واري وزير موجب پاڪ فوج جون پيشيوراڻيون صلاحيتون ساراهه جوڳيون آهن، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کان آگاهه آهيون. بيان موجب پاڪستاني اختيارين دهشتگردي خلاف تازي آپريشن بابت آمريڪي وفد کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم آمريڪي وفد کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جون ڪي ڳجهيون پناهه گاهون ناهن پر سڄي ملڪ ۾ انٽيليجنس آپريشن جاري رهندا، اهو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. انٽيليجنس آپريشنز دوران گذريل چئن ورهين ۾ حاصل ڪيل ڪاميابين کي مضبوط ڪيو ويندو ۽ دهشتگردي جي هر صورت توڙي قسم جو خاتمو آندو ويندو. شاهد خاقان عباسي چيو ته سڄي قوم دهشتگردي کي پاڙئون پٽڻ لاءِ پرعزم آهي. سندس موجب افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ڪرائڻ واري آمريڪي عمل کي ساراهيون ٿا، افغان امن جو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار وڌائڻ واري آمريڪي تجويز مان متفق آهيون، افغانستان ۾ امن جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان کي ٿيندو. واضح رهي ته اهو آمريڪي بچاءَ واري وزير جو پهريون پاڪستاني دورو آهي، ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن 24 آڪٽوبر تي پاڪستان جو دورو ڪيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا پاڪستان کي مذهبي پابندين جي خاص ڳڻتي واري فهرست مان ڇوٽ ڏئي ڇڏي

واشنگٽن( ويب ڊيسڪ)  آمريڪا مذهبي آزادي جي ڀڃڪڙي بابت خاص ڳڻتي واري فهرست ۾ شموليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے