23 منگل , اکتوبر 2018

نواز شريف جا ريفرنس گڏ ڪرڻ بابت درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت کان پوءِ هاڻ هاءِ ڪورٽ به نواز شريف خلاف داخل نيب ريفرنسز کي گڏ ڪرڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب وفاقي راڄڌاني جي احتساب عدالت کان پوءِ هاڻ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به نواز شريف جي نيب ريفرنسز کي گڏ ڪرڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي وزير اعظم عدالت کان ايون فيلڊ، عزيزيه ۽ فليگ شپ کي گڏ ڪرڻ بابت اپيل ڪئي هئي جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي ٽنهي درخواستن جي ڪاز لسٽ  جاري ڪئي هئي جڏهن ته جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي هئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 3 درخواستن تي محفوظ فيصلو ٻڌائيندي ريفرنس کي گڏ ڪرڻ بابت نواز شريف جي درخواست رد ڪري ڇڏي. فيصلو جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب سياست جي ور چڙهي رهي آهي، ڪيسن ۾ هڪ جهڙو رويو ناهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ هڪ ڪيس دوران قومي احتساب بيورو جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے