10 پیر , دسمبر 2018

عائشا گلالئي جو چونڊن ۾ عمران خان سان مقابلي جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ جي ميمبر عائشا گلالئي چيو آهي ته چونڊون ٿيون ته عمران خان جي مقابلي ۾ بيهنديس، مون کي ڪنهن کي ٽڪيٽ نه کپي، ٽن کان چئن مهينن ۾ لائحا عمل جو اعلان ڪنديس. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عائشا گلالئي چيو ته ختم نبوت صه تي ڌرڻو نيڪ مقصد لاءِ هو پر طريقي ڪار مان متفق ناهيان، روڊ بند ڪرڻ غلط هو، آرمي جنهن طريقي سان مسئلو حل ڪيو ان کي خراج پيش ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته راجا ظفر الحق ڪميٽي جي رپورٽ جلد سامهون اچڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ملڪ لاءِ نه آصف زرداري، نه نواز شريف ۽ نه وري عمران خان درست آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے