21 بدھ , نومبر 2018

عوامي آواز رپورٽ:سٽي اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ثقافتي ڏينهن ملهايو ويو، شاگردن گيت ڳائي جهمريون هنيون

سٽي اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ثقافتي ڏينهن ملهايو ويو، شاگردن گيت ڳائي جهمريون هنيون

عوامي آواز ثقافت جو آواز جي ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان سٽي اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڻ هڪ شاندار  ثقافتي پروگرام ٿي گذريو جنهن ۾ اسڪول جي هر ڪلاس جي شاگردن انتهائي خوش ۽ جذبي سان حصو ورتو،

ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان سمورن شاگردن ٽوپي اجرڪ وارا رنگبرنگي لباس پهري قومي ۽ ثقافتي گيت ڳائي سنڌ وطن ۽ ان جي ثقافت سان وفا جو وچن ڪيو………

پيش آهي عوامي آواز لاڙڪاڻي جي بيورو چيف اعجاز چانڊيو جي هيءَ رپورٽ……….

ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان 3 ڊمسبر تي سڄي لاڙ ڪاڻي شهر ۾ لکين ماڻهن سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي ڏينهن جي تقريبن جي شروعات ڪئي، جڏهن ته لاڙڪاڻي شهر جي ڪيئي علمي، ادبي ۽ ثقافتي ادارن پاران پڻ ڪيئي تقريبون ڪوٺايون ويون هيو، اهڙين تقريبن ۾ سٽي اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڻ هڪ شاندار تقريب ٿي،

سٽي اسڪول لاڙڪاڻي جو شمار لاڙڪاڻي جي انتهائي اعلى تعليمي ادارن ۾ ٿئي ٿو، جنهن جي تعليم جو معيار بين الاقوامي معيارن مطابق آهي،  سٽي اسڪول لاڙڪاڻي جي پرنسيپال ميڊم نذهت جبين پڻ هڪ اعلى تعليم يافته خاتون ۽ ماهر تعليم آهي، سندس ڪوششن سان هن وقت لاڙڪاڻي جا هزارين شاگرد اعلى معيار جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن،

اسڪول ۾ ٿيندڙ ثقافتي تقريب ۾ ڪيئي اسٽال پڻ لڳايا ويا هُئا جن مان هڪ اسٽال موهن جي دڙي جي ثقافتي شين متعلق معلومات فراهم ڪرڻ متعلق هو، جتان شاگردن کي معلومات فراهم ڪئي پئي وئي……،

اسڪول جي مختلف ڪلاسن جي شاگردن ڪيئي قومي ۽ ثقافتي گيتن تي رقص پڻ ڪيو جن ۾ هر ڪلاس جا ٻار شامل هُئا، ٻارن جي اهڙي خوشي ڏسڻ وٽان هُئي……………،

ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان سٽي اسڪول لاڙڪاڻي جي پرنسيپال ميڊم نذهت جبين عوامي آواز ٽي سان پڻ ڳالهايو…………….

ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ٿيندڙ پروگرام ۾ ٻارڙن تمام گهڻي جوش ۽ جذبي جو اظهار ڪندي ۽ انهيءَ وچن کي دهرايو ته هو تعليم مڪمل ڪري سنڌ جي سماج کي پاڻ ڀرو ڪندا ۽ معاشري جي خدمت ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : پ پ عوامي پارٽي آهي، عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري پئي : سڪندر راھپوٽو

ايم اين اي سڪندر راھپوٽو چيو آھي ته پيپلز پارٽي جي ھر ڌور ۾ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے