23 منگل , اکتوبر 2018

عوامي آواز رپورٽ |عوامي آواز پاران ثقافتي آواز جي ڏھاڙي مھلائڻ واري اعلان کان پوء گورمنٽ پرائمري اسڪول داراعلم کوسڪي ۾ ثقافتي پروگرام ٿي گذريو

عوامي آواز پاران ثقافتي آواز جي ڏھاڙي مھلائڻ واري اعلان کان پوء گورمنٽ پرائمري اسڪول داراعلم کوسڪي ۾ ثقافتي پروگرام ٿي گذريو جنھن ۾ اسڪول جي ٻارڙن ثقافتي لباس پھري قومي گيتن تي رڪس ڪيو مختلف ثقافتي ٽيبلا پيش ڪري اسڪول کي ثقافتي رنگن سان رنگي ڇڏيو اسڪول جي ھيڊ ماستر محمد جمن درس , غلام حسين ڀرڳڙي ۽ طوطا رام ميگھواڙ چيو ته اسان عوامي آواز ميڊيا گروپ سميت سڄي ميڊيا سان گڏ ثقافتي ڏھياڙو مھلائينداسين اسڪول جي ٽيچر صباءُ ۽ صوبياءُ  پاران ٻارڙن کي مڪمل ثقافتي تياري ڪرائي جنھن کان پوء ٻارڙن مختلف ٽيبلاءُ پيش ڪري ھلندڙ تقريب ۾ ثقافتي رنگ پکيڙي ڇڏيا تقريب ۾ خادم حسين چيمه ,اعجاز خٽڪ , سيد مھر بان شاھ شرڪت ڪئي عوامي آواز کوسڪي جي رپورٽر غلام رسول کوسو کي به اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو ڏنو ويو عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران اسڪول جي ثقافتي پروگرام جي ڪوريج ڪرڻ تي ٿورا مڃيا ويا

بدين رپورٽ رازقڏنو کوسو ,

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: دوڙ:ايس ايس پي شهيد بينطير آباد جا تعليم بابت مشورا، ڄاڻيو هن خبر ۾

*ايس ايس پي شهيد بينطير آباد تنوير حسين تنئي چيو آهي ته محنت ڪري علم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے