19 بدھ , دسمبر 2018

نواز شريف هميشه لاءِ لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي آهي: عابد شير

ملتان( ويب ڊيسڪ ) ممڪلتي وزير عابد شير علي چيو آهي ته  نواز شريف بجلي جي لوڊشيڊنگ هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏي آهي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عابد شير علي چيو ته مشرف کي ڪنهن چئي ڇڏيو آهي ته 2018ع ۾ چونڊون ٿيندي نظر نه اچي رهيون آهن،  2018ع ۾ عوام شينهن تي ٺپو هڻي سزا ۽ جزا جو فيصلو ڪندو. هن چيو ته پرڏيهي طاقتون چاهين ٿيون ته پاڪستان ۾ ڏڦيڙ پکڙجي، پرويز مشرف دور ۾ ماڻهو گهرن مان نه نڪري سگهندا هئا. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي پاڪستان جي خير واهي تي سزا ڏني وئي آهي. عابد شير علي چيو ته نواز شريف ادارن جو احترام نه ڪري ها ته ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ٿي ها. هن چيو ته نواز شريف جي غيبي طاقت پاڪستان جو عوام آهي. سندس چوڻ هو ته جاويد هاشمي هميشه جمهوريت جي ڳالهه ڪئي تنهن ڪري سندس احترام ڪندا آهيون. عابد شير علي چيو ته نواز شريف هٿياربند فوج جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Court likely to reserve verdicts in remaining references against Nawaz today

احتساب عدالت نواز شريف خلاف فيلگ شپ ۽ العزيزيه ريفرنس تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف فليگ شپ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے