12 بدھ , دسمبر 2018

عوامي آواز نيوز:ڪنب ڀرسان ڳوٺ جهنڊو مشائخ ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک بڻجي ويو

ڪنب ڀرسان ڳوٺ جهنڊو مشائخ ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک بڻجي ويو، ج0هن تھ گهر ڌڻي سري شديد زخمي ٿي پيو.

ڳوٺ جهنڊو مشائخ ۾ پورهيت شير محمد شيخ جي گهر کي بجلي جي تار مان اوچتو باهه لڳي وئي جنهن سبب گهر ڌڻي شير محمد شيخ سڙي زخمي ٿي پيو.

زخمي کي گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته 4 ٻڪريون هڪ گابو ۽ گهر ۾ پيل هنڌ کٽون ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو .

آخري اطلاع تائين چونڊيل نمائندن مان ڪوبه به باھ متاثرن وٽ نه پهتو هو ،

متاثر کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن جڏهن تھ هنن  وس وارن کي واهر جي اپيل ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:خيرپور: پورهيتن جو پراڻي  بس اسٽينڊ تي قائم دوڪانن کي ڊاهڻ واري عمل خلاف احتجاج

خيرپور ۾  پراڻي  بس اسٽينڊ تي قائم دوڪانن کي ڊاهڻ واري عمل خلاف دڪاندارن ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے