18 جمعرات , اکتوبر 2018

آمريڪا پنهنجو سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا اسرائيل ۾ پنهنجي سفارتخاني جي والاريل بيت المقدس منتقلي بابت فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو. وائيٽ هائوس جي ترجمان هوگن گڊلي ميڊيا جي نمائندن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل ۾ سفارتخاني جي بيت المقدس منتقلي بابت في الحال ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي ۽ هو معاملي ۾ هميشه کان ڪليئر آهي. ترجمان چيو ته سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ بابت وقت اچڻ تي فيصلو ڪيو ويندو ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اعلان به ڪيو ويندو. سينئر آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ طرفان عارضي حڪم نامو جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، صدر ٽرمپ چونڊ مهم دوران اسرائيل ۾ موجود آمريڪي سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. آمريڪا طرفان والاريل بيت المقدس ۾ سفارتخانو منتقل ڪيو ويو ته عرب ملڪن طرفان اهڙي قدم کي اسرائيل جو گادي واري هنڌ تسليم ڪيو ويندو جنهن خلاف وچ اوڀر ۾ پرتشدد مظاهرا به ٿيڻ جو خدشو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي سياستدان عورتون به جنسي هراساني جو شڪار

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اڌ کان وڌيڪ سياستدان عورتن کي به انهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے