11 منگل , دسمبر 2018

ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سيءُ وڌي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ سياري جي شدت ۾ واڌ ٿي وئي آهي ۽ ڪوئيٽا ۾ گرمي پد منفي 10 ڊگري تي پهچي ويو. موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ ٿڌو ۽ خشڪ موسم رهڻ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ مينهن ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب مالاڪنڊ، هزاره، ميرپور خاص ڊويزن، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير سميت ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ مينهن ۽ جبلن تي هلي برفباري جا امڪان آهن. پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ ۾ صبح جو هلڪي ڪوهيڙي ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پشاور، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ سيءُ ۽ خشڪ موسم سان گڏوگڏ جهڙيلو موسم رهندو. ٻئي پاسي بلوچستان جي خشڪ هوائن ڪراچي ڏانهن منهن ڪيو آهي جنهن سب شهر ۾ موسم گهڻو خشڪ ۽ سيءُ وڌي ويو آهي. ڪوئيٽا ۾ گرمي پد منفي 10 ڊگري تائين ڪِري پيو آهي جنهن جي ڪري روڊن تي پيل پاڻي به ڄمي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه لطيف ٽائون ۾ قبضي جا الزام: عدالت اويس مظفر ٽپي کي طلب ڪري ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ شاهه لطيف ٽائون ۾ قبضي جي الزامن تي اڳوڻي صدر آصف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے