19 بدھ , دسمبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن سبب 3 ڪشميري شهيد

سرينگر(ويب ڊيسڪ) ڀارتي فورسز والاريل ڪشمير ۾ وڌيڪ 3 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي رياستي ظلمن ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي ۽ قابض فوج گذريل مهيني به بربريت جو مظاهرو ڪندي 28 ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب قابض فوج تازين ڪارروائين ۾ ڪلگام ضلعي ۾ آپريشن دوران ٽي ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ميڊيا سروس موجب ڀارتي فورسز آپريشن دوران گهرن کي ڌماڪيدار مادو سان نقصان پهچايو ۽ ٽنهي نوجوانن جا لاش تباهه ٿيل گهر مان هٿ ٿيا. ڀارت جي رياستي دهشتگردي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن جي جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي جڏهن ته جنازي نماز کان پوءِ ڀارتي ظلمن خلاف احتجاج به ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي هدايتن تي وڏن واڳن خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي: شهريار آفريدي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے