24 بدھ , اکتوبر 2018

فيس بڪ سماجي خدمت جا اهم فيچر پيش ڪري ڇڏيا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) سماجي رابطي جي مشهور پليٽ فارم فيس بڪ پاڻ کي وڌائيندي چيو آهي ته هاڻ ماڻهن ۾ مدد جي جذبي ۽ عمل کي مٿي چاڙهڻ لاءِ سٺا قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن ماڻهن ۾ ٻارن جي سٺي تربيت، رت ڏيڻ يا مدد ڪندڙ تنظيمن ۾ ڪم ڪرڻ جي خدمتن کي ممڪن ڪري سگھجي. اڄ کان ڪجهه ڏينهن اڳ فيس بڪ جي باني مارڪ زڪربرگ هي اعلان ڪيو هو ته هو فيس بڪ سماجي پروگرام ذريعي ڏني ويندڙ رقم مان فيس بڪ جو حصو ختم ڪري رهيو آهي ۽ هاڻ 100 سيڪڙو رقم انهن ئي مقصدن لاءِ خرچ ٿيندي جنهن لاءِ عوام رقم ڏني آهي. زڪربرگ چيو ته انٽرنيٽ تي چندو گڏ ڪرڻ جي هڪ مشهور ويب سائٽ گو فنڊ ۾ عطين جو 2.9 سيڪڙو حصو پنهنجي فيس طور وٺندي آهي ۽ فيس بڪ به ڪجهه رقم وٺي رهيو هو پر هاڻ اسان اها فيس ختم ڪري ڇڏي آهي ۽ توهان جي ڏنل 100 سيڪڙو رقم فيس ضرورت مندن تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪندو. ان کان سواءِ هن گذريل فيبروري ۾ شروع ڪيل ڪميونٽي هيلپ پروگرام جو ذڪر پڻ ڪيو جنهن تحت ڪو به شخص مدد لاءِ مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي درخواست ڪري سگھن ٿا. انهيءَ فيچر ذريعي ٻن ڄڻن هاروي طوفان کان پوءِ 20 ڄڻن جي حياتي بچائي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Invent another cheap way of making electricity from sunlight

سج جي روشني مان بجلي ٺاهڻ جو هڪ وڌيڪ سستو طريقو ايجاد

انڊيانا(ويب ڊيسڪ) سائنسدانن سج جي حرارت مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ شمسي( سولر) پئنل بجاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے