12 بدھ , دسمبر 2018

آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس، آپريشن رد الفساد ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ هن شرڪت ڪندڙن کي هلندڙ پرڏيهي دورن ۽ پاڪستان جو دورو ڪندڙ پرڏيهي عهديدارن سان ملاقاتن بابت اعتماد ۾ ورتو. ڪانفرنس ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال، آپريشن رد الفساد، خوشحال پاڪستان پروگرام ۽ بلوچستان ۾ ترقياتي مضبوطي جي معاملن تي غور ڪيو ويو. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر اجلاس ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ڪانفرنس ۾ پاڪ افغان سرحد تي سيڪيورٽي قدمن تي به ڳالهيون، جڏهن ته آپريشن رد الفساد خوشحال پاڪستان پروگرام جو به جائزو ورتو ويو. ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندرين مضبوطي ۽ پاڪستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش جاري رکڻ تي ڳالهيون ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ن ليگ جي 7 ميمبرن اين آر او لاءِ رابطو ڪيو: مراد سعيد

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ )  مواصلات بابت مملڪتي وزير دعويٰ ڪئي آهي ته مون کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے