17 بدھ , اکتوبر 2018

پشاور ۾ زرعي ڊائريڪٽوريٽ تي حملي کانپوءِ عورت اهلڪارن جي مقرري

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ زرعي ڊائريڪٽوريٽ تي برقعي پاتل دهشتگردن جي حملي کانپوءِ سڄي شهر ۾ ناڪن تي عورت پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو آهي. سينيئر سپرنٽينڊنٽ پوليس آپريشنز سجاد خان موجب پوليس اهڙو فيصلو برقعي پاتل دهشتگردن جي حملي کانپوءِ ڪيو ويو آهي، عورت پوليس اهلڪار ٻين علائقن مان ايندڙ عورتن جي سڃاڻپ ۽ چڪاسي ڪنديون. پشاور ۾ سنيپ چيڪنگ ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي شامل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته پهرين ڊسمبر تي پشاور ۾ زرعي ڊائريڪٽوريٽ تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا شهيد ۽ 30 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران کي سرعام ڦاهي ڏيڻ جي درخواست رد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ زينب زيادتي ۽ قتل ڪيس جھي جوابدار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے