24 بدھ , اکتوبر 2018

خُشڪ ميوا کائو، شگر کان محفوظ رهو

سڊني (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي طبي ماهرن چيو آهي ته بادام ۽ اخروٽ جو باقاعدي استعمال شگر جي خطري کي گهٽائيندو آهي. جارج انسٽيٽيوٽ فار گلوبل هيلٿ جي ڊاڪٽر جيسن وو جي تحقيق موجب 10 مختلف ملڪن جي اٽڪل 40 هزار ماڻهن جي تجزياتي رپورٽ مان خبر پئي آهي ته اهي ماڻهو، جن جي رت ۾ اوميگا 6 فيٽ جو اهم جُز آهي، انهن ۾ شگر ٽائپ ٽو پيدا ٿيڻ جو خطرو ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ 35 سيڪڙو گهٽجي ويندو آهي. طبي ماهرن چيو آهي ته خوراڪ ۾ معمولي تبديلي سڄي دنيا ۾ تيزي سان پکڙجندڙ بيماري شگر جي ٽائپ ٽو کان بچاءَ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، اوميگا 6 کي حاصل ڪرڻ جو بهترين ذريعو رڳو خوراڪ ۾ سويابين، سن فلاور آئل، بادام، ڪاجو ۽ اخروٽ جو استعمال آهي، جنهن ذريعي شوگر جي ٽائپ ٽو کان بچاءُ ممڪن آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

Due to the change of climate, the citizens started to suffer from acute diseases

موسم جي تبديليءَ سان شهري چمڙي جي بيمارين ۾ وڪوڙجڻ لڳا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ موسم جي تبديلي جي دوران چمڙي جي بيماري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے