12 بدھ , دسمبر 2018

احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي جاري

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف خلاف العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي شروع ٿي، احتساب عدالت جي جج محمد بشير ريفرنس جي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي،  العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ۾ شاهد ملڪ طيب پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. گذريل ڏينهن واري ٻڌڻي دوران خانگي بينڪ سان تعلق رکندڙ نيب جي شاهد  ملڪ طيب عدالت ۾ نواز شريف جي بينڪ اڪائونٽ مان مريم صفدر ۽ ٻين ماڻهن کا جاري چيڪن جا تفصيل پيش ڪيا هئا. گذريل ڏينهن واري ٻڌڻي دوران شاهد ملڪ طيب نواز شريف جي اڪائونٽ مان مريم صفدر سميت ٻين ماڻهن کي جاري چيڪن جا تفصيل پيش ڪندي ٻڌايو ته مريم صفدر کي 13 جون 2015ع تي 12 ملين، 12 نومبر 2015ع تي 8-28 ملين ۽ 14 آگسٽ 2016ع تي 5-19 ملين رپين جا چيڪ ڏنا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا پاڪستان کي مذهبي پابندين جي خاص ڳڻتي واري فهرست مان ڇوٽ ڏئي ڇڏي

واشنگٽن( ويب ڊيسڪ)  آمريڪا مذهبي آزادي جي ڀڃڪڙي بابت خاص ڳڻتي واري فهرست ۾ شموليت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے