12 بدھ , دسمبر 2018

ڇا بلاول پ پ کي اوج ڏياريندو

منان چانڊيو

30 نومبر1967ع تي لاهور۾ ذوالفقارعلي ڀٽو صاحب ڪيترين ئي کاٻي ڌر ترقي پسند سوچ رکندڙن جن ۾ نمايا طور تي جي اي رحيم، ڊاڪٽر مبشر حسن،     ڊاڪٽر غلام حسين،  شيخ رشيد،  اڄوڪو ڪنوارو شيخ رشيد نه،  معراج محمد خان عبدالخالق خان شامل هيا، انهن سان گڏجي پ پ جو بنياد وڌو ان کان پوءِ هالا۾ پارٽي جو پهريون ڪنوينشن ٿيو،هتي اها ڳالهھ به نوٽ ڪرڻ جهڙي آھي ته پ پ جي بانين۾ جتي سوشلسٽ نظريو رکندڙ ڪامريڊ شامل هئا،اتي وري ڪجھه گادي نشين،جاگيردار، گڙنگ، زميندار سردار ۽ مٿين طبقي سان واڳيل حضرات به پر سڀني همراهن جو سياسي ايمان پ پ جي چئن نقطن واري عوامي ۽جمهوري منشور واران نقطن يعني 1:دين اسان جو اسلام آھي،2 جمهوريت اسان جي سياست آھي،3 سوشلزم اسان جي معيشت آھي ۽4 طاقت جو سرچشمو عوام آھي،پڪو پختو هيو.خير اها ٻي ڳالهھ آهي ته ڀٽي صاحب سان گڏجي جن سياسي شخصيتن پ پ جو بنياد وڌو ويو هيو انهن مان ڪيترا۽ڪهڙا ڀٽو صاحب جي اقتدار واري عرصي ۽هن تي آيل ڏکئي وقت ۾ساٿ ڇڏي ويا،بهر حال پ پ جيڪا پنهنجي وجود کان وٺي پنجن ڏھاڪن تائين ڪيترين ئي سياسي ۽ حڪومتي لوڏن لمن، لاهين چاڙهين ۽سڀ کان وڏي ڳالھ ته ڀٽو صاحب ۽محترمه بينظيرڀٽو جي المناڪ موت باوجود به ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين کان پنهنجي جوهر۾ عوامي جمهوري ۽ وڏي پارٽي هئي اها شھيد ڀٽوز جي شھادتن کان پوءِ ذري گهٽ زرداري صاحب جي رهبري۽رهنمائي۾ سڪڙجي سوڙھي ٿي،پنجاب ڪي پي ڪي،بلوچستان،ڪشمير،گلگت بلتستان ۽ فاٽا مان تڙجي اچي سنڌ جي ننڍن شھرن تائين سوبه ڀوتارن جي سهاري محدود ٿي وئي آھي،ان تي تمام گهڻا تبصرا،تجزيا ۽بحث ٿي رهيا آھن  ظاهر آھي ته هرهڪ ليکڪ يا سياست جي اوڀارين لهوارين کان واقفيت رکندڙ ڌرين ۽ فردن جا ان بابت پنهنجا پنهنجا خيال آھن،پر ان حقيقت کان انڪار نٿوڪري سگهجي ته جيڪا پارٽي وفاق جي زنجير يا علامت هئي،جنهن کي ٻه فوجي آمر ۽انهن جون آمريتون ختم ڪري نه سگهيون تنهن کي پرڪشش،پراسرار شخصيت جي مالڪ ۽قومي مفاهميت جي بادشاھ توڙي سياست جي سڀني گرن،گسن۽رکن جي ماهر صرف  8سالن اندر گوڏن تي ڇو ويهاري ڇڏيو،ان تي اچڻ کان پهريون ڀٽو صاحب جي سياسي شخصيت ۽ڪردار تي ٿوري نظر وجهنداسين ته هو بنيادي طورتي هڪ جاگيردار۽نواب گهراڻي سان تعلق رکندڙ هيو،ان ڪري هن جي پالنا ۽تربيت وڏي لاڏ ڪوڏ ۽انتهائي سنجيدگي سان ڪئي وئي،اهي ئي سبب هئا جو هو ولايت مان  قانون ۽سياست جو علي ڊگريون ۽سندون حاصل ڪري ملڪي سياست۾ جنرل اسڪندر مرزا جي ٿرو شامل ٿيو،۽پوءِ اڳتي هلي هڪ ٻئي جنرل ايوب خان کي تمام سياسي طرح تي ويجهو ٿيو۽ڪيترن سالن تائين هن جي وفاقي ڪابينا جو طاقتور وزير ٿيو،جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هو مڪاني وڏيرن،پيرن،ميرن، ميمبرن،صوبيدران پولنگ آفيسرن ڪمانين،ڪليڪٽرن،۽ڪمشنرن واري وڏيرڪي سياست کان مٿانهون هيو،ٻي ڳالهھ ته هو بنيادي طورتي هڪ علي درجي جو سمجهو،تخليقي ۽پيش قدمي ڪندڙ سياسي ذھن ۽سوچ رکندڙھيو۽پنهنجي تجربي مان جلد يا دير سان گهربل نتيجا حاصل ڪري پنهنجي سياسي عمل جي غلطين کي درست ڪرڻ ڄاڻي پيو،هو ڪافي ديانتدار هيو۽ان کان وڌيڪ ثابت قدم ۽دلير پڻ هيو،ھن جي سياسي ڪردار لاءِ ٻيو کڻي ڇابه چئجي پر هو بزدل نه هيو نه وري خصيص پڻي ۽ڪريل حدتائين لالچي هيو،هن کي سندس دشمن به جاهل احمق يا سياسي گڏو ڪين چوندا هئا،

اسان ڀٽو۽هن جي مدبرانا شخصيت ۽بهترسياست جي ڳالھه ڪندي اهو پڻ چئون ٿاته جڏھن هن ايوب خان کان سياسي ناتا ٽوڙي پيپلزپارٽي جو بنياد رکيو ته صرف ٽن سالن جي ٿورڙي عرصي دوران 1970ع واري اليڪشن ۾ گڏيل پاڪستان ۾ ٻئي نمبرتي سوڀ ماڻي ورتي جيتوڻيڪ ٿيڻ ته ائين کپي هان ته آئيني،قانوني۽ جمهوري اصولن موجب بنگالي قوم جي محبوب اڳواڻ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ پارٽي کي اقتدار ڏنو وڃي ها پرافسوس ته ملڪ جون عسڪري قوتون،طاقتور  اسٽيبليشمينٽ ۽انهن جي هم نوا اولهھ جي سياستدانن نه پئي چاهيو ته،اقتدار اولھ پاڪستان کان اوڀر پاڪستان ڏانهن منتقل ٿئي،ان ڪري جڏھن اقتدار جي منتقلي وارو مسئلو سانمهون آيو ته ڳالھ وڃي ملڪ۾گهرو ويڙھ تائين پهتي ۽نتيجتن لکين بنگالين جي شھادتن کان پوءِ دنيا جي نقشي تي بنگلاديش  ملڪ جي نالي ٿيو ۽ اھڙي ريت پاءُ صدي جي مختصر عمر۾ پاڪستان ٻه اڌ ٿي ويو ۽ رهيل پاڪستان جون واڳون ذوالفقارعلي ڀٽي جي حوالي ڪيو ويو،جنهن جي حڪومت کي وري پي اين اي جي هلايل ايجيٽيشن جي ور فوجي آمر جنرل ضياالحق چاڙھي ڇڏيو، جنهن نه صرف ڀٽي جي حڪومت ختم ڪئي پر کيس عدالت هٿان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ يارنهن سالن تائين ملڪ تي مارشل لا جو راڄ رهيو،تان جو ضياءُ هوائي حادثي جي نذر ٿي ويو،جنهن کان پوءِ1988ع جي اليڪشن۾ ڀٽو جي نياڻي بينظير جي قيادت هيٺ پپلزپارٽي ڪيترائي سياسي ڊنگ ۽بت ڍيرڪري ڇڏيا،ليڪن ستم ظريفي جي ڳالهھ ته محترمه پنهنجي حڪومت۾ڪيترن ئي ضياءُجي ساٿارين۽غير جمهوري قوتن کي شامل ڪيو،جن ساڻس وفاداري ڪونه ڪئي ۽صرف سندس حڪومت کي 18مهينن تائين هلڻ ڏنو ويو،ان کان پوءِ ملڪ جي تاريخ۾ پهريون ڀيرو هڪ صنعتڪار نوازشريف اليڪشن۾ سوڀارو ٿي ملڪ جو وزيراعظم ٿيو،جنهن کي پڻ وقت کان اڳ۾ گهر ڀيڙو ڪيو ويو۽وري ٻيهر محترمه جي حڪومت وجود۾ آئي ۽ان دوران سندس ڀاءُ ميرمرتضي ڀٽوکي ڪراچي۾ پوليس بي گناھ ڪيترن ئي ساٿين سميت بيدرديءَ ساماريو ويو،افسوس ته هڪ طرف محترمه جو ڀاءُ قتل ڪيو ويو ته ٻئي طرف وري سندس حڪومت سندس ئي پارٽي جي صدر فاروق لغاري، برطرف ڪري ڇڏيو ۽ ھڪ ڀيرو ٻيهر ميان صاحب اقتدار۾ اچي ويو جنهن کي وري جنرل پرويزمشرف هٽائي ۽قيد ڪري ڇڏيو ۽ ھو نون سالن تائين پاڪستان جو ڪرتا ڌرتا رهيو ۽ افسوس ته ان عرصي دوران محترمه بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ قتل ڪيو ويو،

۽محترمه جي شھادت کانپوءِ 2008 جي چونڊن۾زرداي صاحب جي قيادت هيٺ پ پ کي ڪاميابي حاصل ٿي جنهن موصوف قومي مفاهمتي فارمولي هيٺ ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين کي واري وٽيءَ سان اقتدار جي مٺي ديڳ مان وات مٺو ڪرائيندي حڪومت جي مدت جا پنجئين سال پورا ڪري هڪ قسم جو سياسي ڌماڪو ۽ڌاڪو ويهاري ڇڏيو،پر هن جي ان سياسي۽حڪومتي سخاوت جي ڪري جتي پ پ جا ترا نڪري ويا اُتي وري سنڌي عوام سان به ويڌنون ۽ ويل وهايا ويا جنهن ڪري پ پ 2013 جي عام  چونڊن ۾ بدترين شڪست کائي اچي سنڌ تائين سياسي طرح ڄامڙي ٿي پهتي ، پ پ جي موجوده سياسي والي وارثن سنڌ ۾ گذريل ساڍن نوَن سالن واري عرصي دوران سنڌ جي سڀني انتظامي ۽ مالي ادارن کي معذور ۽ هيڻو بنائي عوام لاءِ بي لاڀائتو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ممڪن آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ ۾ پ پ کي اڳ واري موٽ نه ملي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے