18 جمعرات , اکتوبر 2018

اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي اچي

محمد حيات تنيو

هن وقت تائين به آدمشماري ۾ پنهنجا من پسند نتيجا ڏيڻ ۽ ڌارين کي شناختي ڪارڊ جاري ڪرڻ سميت سـنڌين کي  اقليت ۾ ڏيکارڻ لاءِ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڌاري آبادڪاري جي تـلوار سـنڌ مٿـان لٽڪيل رهـندي اچي ٿي. جنهنڪري سنڌي ماڻهون بحيثيت قوم جي پنهنجي ئي ڌرتـي ۽ وطـن ۾ پاڻ کي غير محفـوظ، بـي وس، بي اختيار ۽ اوپرو محسوس ڪري رهيا آهن. سـنڌ ۾ ڌارين جي آبادي جو هڪ سبب ته ورهاڱي کان پوءِ مسلسل لکن جي تعداد ۾ ماڻهن جي لڏپلاڻ هئي، جن سمورن کي هڪ منصوبابندي تحت سنڌ ۾ نه صرف رهايو ويو پر، انهن کي سنڌي هندن جا ڇڏيل گھر، دوڪان، زمينون، جائداد ۽ ملڪيتون ڪوڙن ڪليمن جي ذريعي مال غنيمت سمجھي ورهائي ڏنيون ويون. جيڪو سلسلو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اڄ به جاري آهي. سنڌي ماڻهون مهمان نوازي ۽ ڪلمي ڀائين جي اچڻ جي شوق ۾ پنهنجو الھه تلهھ انهن نون ايندڙ مسلمان ڀائرن  جي حوالي ڪري پاڻ هٿئين خالي ٿي کليل آسمان جي هيٺان اچي ويا جنهنڪري اٽو، لٽو ۽ اجھو جا نعرا هڻدڙ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۾ به سنڌين جي اڪثريتي آبادي پنهنجي گھر، ٻه وقت پيٽ ڀري ماني کائڻ ۽ پنهنجن ٻارن کي اسڪولي يونيفارم وٺي ڏيڻ جي قابل ناهي.

غير ملڪين جي آمد کان علاوه ملڪ جي ٻين صوبن ۽ علائقن مان به لڳاتار ڌارين جي آمد جاري آهي. ملڪ جي ڪهڙي به حصي ۾ ڪو زلزلو يا ٻي ڪا قدرتي آفت اچي ٿي يا مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي خلاف ڪنهن آپريشن سبب متاثر ٿيندڙ سمورن ماڻهن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته آپريشن کان بچڻ لاءِ انتهاپسند به آسانيءَ سان پنهنجو رخ سنڌ ڏانهن ڪن ٿا، جن کي سنڌ ۾ محفوظ ٺڪاڻا مهيا ڪيا وڃن ٿا، جنهنڪري

”هو چون، تون مَ چئو واتان ورائي،

اڳ اڳرائي جو ڪري خطا سو کائي“

جهڙا صبر، تحمل، برداشت ۽ رواداري جا عظيم سبق ڏيندڙ ولين، بزرگن ۽ صوفين جي ڌرتي سنڌ ۾           اڻ برابري، عدم برداشت، تعصب، ڪيني ۽ مذهبي انتها پسندي ۾ ڏينهنون ڏينهن تيزيءَ سان واڌارو اچي رهيو آهي ۽ عالمي امن ۽ ڀائيچاري  جو درس ڏيندڙ سنڌ ۾ به، خودڪش حملن جهڙي خطرناڪ دشتگردي جا واقعا رونما پيا ٿين، جنهنجو اهم ۽ مکيه سبب ڌارين جي وڌندڙ آبادي آهي.

ڌاري آبادڪاري جي وڌندڙ ان ٻوڏ سبب هڪ پاسي سنڌي عددي حوالي سان به تيزيءَ سان ٿورڙائي ۾ تبديل ٿي رهيا آهن ته، ٻئي پاسي معاشي حوالي سان به سنڌي ماڻهون ڏينهون ڏينهن تباهي ۽ بربادي جي طرف تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن. معدنيات، سمنڊ، درياھ، زراعت ۽ ٻين لاتعداد مالي وسيلن جي باوجود سنڌ جا رهواسي بک، بدحالي، بدامني ۽ بيروزگاريءَ جو شڪار آهن. اهو ئي سبب آهي جو ماضي جي شاندار تاريخي حيثيت رکندڙ ۽ سموري دنيا کي عزت، آبرو، سُک، سلامتي، امن ۽ شانتيءَ سان زندگي گهارڻ جا اولين سبق ڏيندڙ سنڌ اڄ خود، دهشتگردي، خوف، احساس محرومي، غلامي، ڦرلٽ ۽ قتل و غارت جو شڪار آهي.

سنڌ جا حڪمران جن، سنڌي ماڻهن وٽ پاڻ کي ڪڏهن به ذميوار ناهي سمجھيو، جن جي اولين ايجنڊا هڪڙي ئي آهي ته ڪيئن به ڪري گھڻي کان گھڻي دولت ڪٺي ڪجي ۽ اها ٻاهرئين ملڪ موڪلجي، جيئن هزارين سال اڳ ۾ ٻاهريان حملي آور ۽ بادشاھ سنڌ جي مٿان حملا ڪري، سنڌ جي دولت ڦري لٽي هزارين اُٺ، گھوڙا ۽ ٻيڙا ڀري کڻي ويندا هئا، اڄ به اهڙي ئي طريقي سان ساڳيو سلسلو جاري آهي، اڄوڪن حڪمرانن جي به ڏينهن رات اها ئي ڪوشش آهي ته ڪرپشن ۽ ڪميشن ذريعي جيترو جلدي، جيتري گھڻي دولت گڏ ڪري سگھجي اها گڏ ڪري ٻيڙا ڀري وڃي ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجا اڪائونٽ ڀرجن. ڪجهھ وقت اڳ ته ڪراچي بندرگاھ تي هڪڙو ٻيڙو به پڪڙجي پيو هو، جنهن ۾ رئيس وڏي ۽ ان جي چوياري جي خاص يارن جا پئسا ڀريل هئا، جيڪي ملڪ کان ٻاهر کنيو پئي ويا. اهڙي طرح سان سوئس اڪائونٽ، سري محل ۽ پاناما ڪيس به حڪمرانن جي ڪرپشن، ڌاڙن ۽ ڦرلٽ جو کليل ثبوت آهن ته، هن ملڪ جا جاگيردار ۽ سرمائيدار حڪمران، هن ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي هارين، مزدورن ۽ پورهيتن جا ڪڏهن به هڏڏوکي يا سڄڻ ڪونه ٿا ٿي سگھن. انڪري سنڌي عوام کي به ٻٻرن کان ٻير گھرڻ ۽ پاڇن جي پويان ڊوڙڻ بجاءِ قومپرست فڪر ۽ فلسفي سان پاڻ کي سلهاڙي پنهنجن اجتماعي ۽ قومي حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻ گھرجي.

ڇاڪاڻ ته اهي قومپرست ئي آهن جيڪي هر ڏکئي ويل ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي روز مرھ جي ننڍڙن مسئلن کان وٺي قومي حقن جي حاصلات لاءِ بغير ڪنهن خوف ۽ لالچ جي جدوجهد ڪندا رهندا آهن. ان ئي سلسلي ۾ نومبر مهيني جي آخري هفتي دوران حيدر منزل ڪراچي ۾ سيد جلال محمود شاھ جي ميزباني هيٺ قومپرستن جي اهم گڏجاڻي ٿي آهي. جنهن ۾ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي، گلزار سومرو، خير محمد مگسي. جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، نياز ڪالاڻي سميت ٻين قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪري ڌارين جي آبادڪاري تي سخت ڳڻتي ۽ تشويش جو اظهار ڪرڻ سان گڏ ”سنڌ ايڪشن ڪميٽي“ جوڙي، ڌاري آبادڪاري خلاف هڪ ئي ايجنڊا تي جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن، جنهن کي سنڌ جي عوام پاران پڻ ساراهيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي عوام جي اها پراڻي خواهش رهي آهي ته قومپرست گڏجي جدوجهد ڪن ۽ جڏهن به اهڙي قسم جي ڪا به ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سنڌي ماڻهن ان جي ڀرپور آجيان ڪندي کين زبردست موٽ ڏني آهي.

حيدر منزل تي ٿيل ان گڏجاڻي کان اڳ ۾ 26 نومبر تي ” يوم شهداءُ “ جي نالي سان ڪراچي ۾ ترقي پسند پارٽي پاران ڪيل هزارين ماڻهن جو جلسو به، سموري سنڌ جي عوام، خاص ڪري سنڌ جي تخت گاھ ڪراچي شهر ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ زبردست جوش، جذبي، اميدن ۽ اتساھ جو ذريعو بڻيو آهي. حقيقت ۾ قومپرستن پاران جڏهن به ڪراچي ۾ ڪا سياسي سرگرمي ڪئي وئي آهي ته ڪراچي جي سنڌين پاران کين زبردست موٽ ملي آهي، ان کان اڳ ويجھي ماضي ۾ به ترقي پسند پارٽي پاران ڪراچي ۾ ”سنڌ منهنجي امان“ ۽ ”ڪراچي سنڌ آهي“ جي نالي سان ڪيل تاريخي ۽ شاندار ريلي سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ سدائين ياد رهندي.

هن وقت سڀ کان وڌيڪ ضرورت ان ڳالهھ جي آهي ته ڪراچيءَ کان پري ڀڄڻ يا سال ۾ هڪ يا ٻه جلسا ۽ ريليون ڪري ويهي رهڻ بجاءِ سنڌ جون قومپرست جماعتون مستقل طور تي ڪراچي کي پنهنجن سياسي توڙي تنظيمي سرگرمين جو مرڪز بڻائن. ڇاڪاڻ ته ڪراچي سنڌ جي گادي وارو هنڌ هجڻ سان گڏ، سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ معاشي طور ڪرنگھي جي هڏي جي حيثيت رکندڙ       بين القوامي شهر آهي، جيڪو ايم ڪيو ايم سميت سمورن نسل پرست ۽ دهشتگرد ٽولن جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀي رهيو آهي. انڪري ڪراچي شهر کي پنهنجن سرگرمين جو مرڪز بڻائيندي سنڌ دشمن ڌرين کي اهو پيغام ڏيڻ گھرجي ته، سنڌ، ڪن نسل پرست، دهشتگرد ٽولن ۽ زرداري، پيپلزپارٽي يا وڏيرن، ڀوتارن ۽ جاگيردارن جي جاگير ناهي، پر سنڌ جا حقيقي وارث اهي پنج ڪروڙ غيرتمند سنڌي آهن، جيڪي سنڌ کي پنهنجي ماءُ سمجھن ٿا، ۽ ان ماءُ جي عزت، عظمت ۽ تقدس تان پنهنجو سڀ ڪجھه قربان ڪري سندن تحفط ڪرڻ به ڄاڻن ٿا. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڪک اڃان سنڍ ناهي ٿي، سنڌ جا ڪروڙين بهادر، غيرتمند، جانثار پٽ ۽ ڌيئرون موجود آهن، جيڪي اهو اعلان ڪري رهيا آهن ته،

اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي،

متان ائين سمجھين، مئا مور سارا

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جو ٺهڻ..! 

خادم رند پاڪستان ۾ 25 جولاءِ تي ٿيل عام چوندن جي شفافيت ۽ غير جانبداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے