10 پیر , دسمبر 2018

موهن جو دڙو جي عظمت کان اڻڄاڻ، بدقسمت فاروق ستار

پريم مٿراڻي

گذريل ڏينهن، اخبارن ۾ اها خبر شايع ٿي آهي ته متحده جي اڳواڻ فارق ستار چيو آهي ته جيڪي ماڻهو متحده قومي مومينٽ کي ڇڏيندا، اهي ”موهن جو دڙو“ ٿي ويندا.

قوم، تهذيب ۽ ثقافت جهڙين تاريخي سماجي ڪسوٽين (Socio-Historical Categories) کان اڻڄاڻ، بدقسمت فارق ستار جيڪو ان بربريت پسند ٽولي جو مکي اڳوڻ آهي جنهن امن جي ڌرتي کي پوري ملڪ لاءِ ٽامڻي بڻائي ڇڏيو، انکي ڪهڙي خبر ته موهن جو دڙو، هڙاپه، مهرڳڙھ، اناتوليه-ميسوپوٽاميا ۽ مصري تهذيبن جون عظمتون ڇا آهن ۽ اهي انسانيت لاءِ ڇوفخر جو درجو رکن ٿيون. ”موهن جو دڙو“ جي عظمت جي توهين ڪندي، انکي ”عبرت جو نشان“ ڪري پيش ڪندڙ فاروق ستار کي نه صرف سنڌ پر سڄي پاڪستان جي ماڻهن کان نه صرف معافي وٺڻ گھرجي بلڪ پنهنجا اهي لفظ واپس وٺڻ گھرجن ۽ اعلان ڪرڻ گھرجي ته موهن جو دڙو جي تهذيب نه صرف سنڌ ۽ پاڪستان پر پوري انسانيت لاءِ فخر جو مقام آهي. فاروق ستار کي گھرجي ته هو قديم تهذيبن جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ بدران، انساني تاريخ مان سبق حاصل ڪري ۽ بربريت واري سياست جو رستو ڇڏي ڏي.

فاروق ستار جهڙا غيرتهذيبي سوچ رکندڙ ماڻهو، تاريخ، تهذيب، قوم، ڌرتي ۽ ثقافت جي سماجي سائنس کي ڪڏهن به سمجھي نه سگھندا. انساني تاريخ اڄ، موهن جو دڙو کي عظيم الشان تهذيب جي نظر سان ياد ڪندي، پنهنجي ڪُک ۾ مٿانهين درجي واري حيثيت ڏئي ٿي ۽ روح زمين تي بربريت برپا ڪندڙ چنگيزن ۽ هٽلرن کي ”عبرت جو نشان“ سمجھي ٿي.

انساني تاريخ، سماجي اڏاوت لاءِ تهذيبن جي ارتقا وارو انقلابي طريقي ڪار اختيار ڪيون. سمورن کندن ۾ درياهن جي ڪنارن تي لڳ ڀڳ ساڳي دور ۾، ماڻهو آباد ٿيڻ شروع ٿيا. ثقافت ۽ ٻولين جي ارتقائي تاريخ اڃان گھڻي آڳاٽي آهي. وادي سنڌ جي انهن ئي تهذيب جي هنج ۾ ننڍي کنڊ (Indus Continent) جون سوين قومون، ثقافتون ۽ ٻوليون اسريون آهن تنهنجيڪري سنڌو جي تهذيبن، ننڍي کند جي سمورين قومن ۽ ثقافتن جي امڙ-تهذيب جو درجو رکي ٿي.  ماڻهو، زمين ۽ ثقافت سان اڻٽٽ لاڳاپي ۾ هجن ٿا. ثقافت، پنهنجي اسرڻ لاءِ زميني حدن جي چونڊ (Selection of Land) ڪري ٿي. سماجي اڏاوت جو اهڙو عمل، انتهائي پيچيدو هجي ٿو. ثقافت جي اڀرڻ لاءِ، ماڻهن جو، آبادڪاري جي عمل مان گذرڻ لازمي آهي، جنهن لاءِ ”زميني پٽ“ جي چونڊ، ضروري امر آهي. انساني آبادڪاري لاءِ، زمين جي چونڊ جو عمل، هزارن سالن جي تاريخي (History)، ارتقائي ۽ انقلابي تسلسل ذريعي عمل ۾ آيو. ڌرتي تي پيدا ٿيندڙ سمورا انسان، پنهنجي ڄم جي جڳهه (زميني علائقي)، ”وطن“(Native Place) سان خاص انسيت رکن ٿا. هزارن سالن جي تاريخي پسمنظر ۾، مخصوص زميني پٽ جي چونڊ جو طريقي ڪار اختيار ڪري، ان علائقي ۾ رهندڙ آبادي، ان علائقي سان فطري وابستگي پيدا ڪري ٿي ۽ هڪٻئي سان هم ربط رهڻ  جو ثقافتي طريقه ڪار اختيار ڪري ٿي. سماجي اڏاوت جو اهڙو طريقي ڪار، ماڻهن جو قومي شناخت (National Identity) جو سبب بڻجي وڃي ٿو.  جنهن سان، قومي سڃاڻپ حاصل ڪندڙ، آبادي جا هڪڙا گروھ، ٻين زميني پٽ تي آباد، ٻين گروهن کان سماجي قومي فرق  واري حالت ۾ اچن ٿا. اهڙي ريت، آبادڪاري جو عمل (Process of Settlement)، مخصوص آبادين جي وچ ۾، زميني حدن جي چونڊ سان مڪمل ٿئي ٿو، جنهن ۾ سندن  قومي ثقافت آزاداڻي طريقي سان انفرادي انداز ۾وڌي ۽ ويجھي ٿي.

سماجي تاريخ جي قومي سڃاڻپ

سماجي نظام، واڌويجھ جو تاريخي تسلسل (Historic Process) اختيار ڪن ٿا. ڌرتي تي رهندڙ سمورا انسان پنهنجو سماجي تاريخي ۽ تهذيبي پسمنظر رکن ٿا.  اهڙي ريت سماجي اڏاوت جو تاريخي پيچرو، سماجن جي قومي شناخت (National Identity) پيدا ڪري ٿو. قومي سڃاڻپ جو تاريخي عمل، هزارن سالن جي سماجي  تهذيبي  سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي لاٿ ۽ چاڙھ (Rise & Fall) جي دورن مان گذرندي، ارتقا ۽ انقلاب جا ڪيئي ڏاڪا اورانگھيندي، ان ڏاڪي تي پهچي ٿو جتي، سماجي معيشيت جو تصور ”قومي معيشيت“ ۾، سماجي سياست،  ”قوم سياست“ ۾، ثقافت،  ”قومي ثقافت“ ۾ ۽  ڌرتي جو تصور ”قومي ڌرتي“ جي تصور ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ ”قومي ڌرتي“ تي رهندڙ انساني آبادي ”قوم“ جو رتبو (Status of Nation) ماڻي ٿي.

فاروق ستار کي گھرجي ته هو انسان ذات جي قديم تهذيبي ورثن جو احترام ڪرڻ سکي ۽ پوري پاڪستان جي ماڻهن کان موهن جي دڙي بابت غلط ڳالهائڻ تي معافي وٺي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے