16 اتوار , دسمبر 2018

اي ٽي سي ڪيس: عمران خان پوليس جي سامهون پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين  عمران خان دهشتگردي جي خاتمي وارن ڪيسن ۾ پوليس جي سامهون پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو. عمران خان خلاف 2014ع ۾ اسلام آباد ۾ ڌرڻي دوران 4 ڪيس قائم ڪيا ويا جن ۾ پي ٽي وي، پارليامينٽ حملي ۽ ايس ايس پي عصمت الله جوڻيجي تي تشدد جا ڪيس شامل آهن. پي ٽي آءِ چيئرمين کي انهن ڪيسن ۾ ضمانت ملي چڪي آهي پر عدالت کيس جاچ ۾ شامل ٿي جاچ آفيسر جي روبرو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو.  عمران خان جي وڪيل گذريل ٻڌڻي تي عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل بيان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. عدالت عمران خان جي وڪيل جي موقف کي رد ڪري ڇڏيو ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي جاچ آفيسر جي سامهون پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. عدالت جي حڪم کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين آچر جي ڏينهن سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ پيش ٿيو جتي هن جاچ آفيسر جي سامهون بيان رڪارڊ ڪرايو. پوليس موجب عمران خان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته سندس مٿان مڙهيل ڪيس ڪوڙ تي ٻڌل ۽ سياسي نوعيت جا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ هوائي حملا، 5 دهشتگرد مارجي ويا، 2 زخمي

ڪابل ( ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي اروزگان ۾ افغان هوائي فوج جي بمباري جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے