18 منگل , دسمبر 2018

سعودي عرب: ڪرپشن الزام ۾ گرفتار شهزادن مان ڪيترائي ڊيل تي راضي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ ڪرپشن الزامن تحت گرفتار شهزادن مان ڪيترائي ڊيل ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن. خابرو اداري رائٽرز موجب سعودي عرب جي پبلڪ پراسيڪيوٽر سعودالمعجب جو چوڻ هو ته ڪيترائي شهزادا ڊيل ڪرڻ تي راضي ٿي چڪا آهن ۽ ان سلسلي ۾ ضروري ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي. هن جو چوڻ هو ته حراست هيٺ شهزادن خلاف ڪارروائي کي ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي، پهريئن مرحلي ۾ جيڪي ماڻهو عوام کان ڦريل پيسا واپس ڪرڻ تي راضي آهن انهن جي آزادي عمل ۾ آندي پئي وڃي جڏهن ته جيڪي شهزادا ڊيل لاءِ تيار ناهن انهن خلاف ڪيس هلايو ويندو. پبلڪ پراسڪيوٽر جو چوڻ هو ته ڪرپشن خلاف جوڙيل ڪميشن 320 شهزادن کي ڄاڻ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، جڏهن ته 159 فرد حراست هيٺ رهندا، جن مان ڪيترائي ڪيس جي ڪارروائي لاءِ پبلڪ پراسڪيوشن حوالي ڪيا ويا. گذيل مهيني جي آخر ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار سعودي عرب جي اڳوڻي فرمانروا شاهه عبدالله جي پُٽ شهزادي مطعب کي به ڊيل بعد آزاد ڪيو ويو هو. گرفتار سعودي شهزادن ۾ وليد بن طلال پڻ شامل هو، جنهن دنيا جي ناليواري مالياتي ادارن ۾ سيڙپ ڪاري رکي آهي، هو شاهه سلمان جو ويڳو ڀائٽيو آهي جنهن جو شمار دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ ٿيندو آهي. شهزادي وليد بن طلال تي مني لانڊرنگ ۽ رشوت ڏي وٺ جا الزام مڙهيا ويا. انهن شهزادن کي قيد ڪرڻ لاءِ رياض جي فائيو اسٽار هوٽل کي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٻيهر ريفرنڊم برطانوي عوام جي ايمان کي نقصان پهچائيندو: ٿريسامي

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي وزيراعظم ٿريسامي پارليامنٽ ميمبرن کي خبردار ڪيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے