23 منگل , اکتوبر 2018

ايگزيڪٽ اسڪينڊل: جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ جعلي ڊگري جي واپار ذريعي سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي بدنامي جو سبب بڻجندڙ ايگزيڪٽ ڪمپني جي مالڪ شعيب شيخ ۽ ٻين جي آزادي خلاف ايف آءِ اي جي درخواست تي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي. ايگزيڪٽ جا سڄي دنيا ۾ جعلي ڊگري جي ڪاروبار جي حوالي سان انڪشاف 18 مئي 2015ع تي آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز ڪيو هو، اهو اسڪينڊل سڄي دنيا ۾ پاڪستان لاءِ ناڪامي جو سبب بڻيو. ايگزيڪٽ جو اسڪينڊل سامهون اچڻ تي حڪومت، ايف آءِ اي ۽ ٻئي جاچ ادارن گڏجي ڀرپور ڪارروائي ڪئي ۽ شيخ شعيب ۽ وقاص عتيق سميت جعلي ڊگري جو ڪاروبار ڪندڙ ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو. ٻئي پاسي آمريڪا ۾ فرنٽ مين کي سوگھو ڪيو ويو جنهن کي ڏوهه قبولڻ بعد سزا ڏني وئي. پاڪستان ۾ به ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ڪيس داخل ٿيا، ڪارروائيون تيز ڪيون ويون، پر وري ڪارروائي جي رستي ۾ ڪجهه موڙ اچي ويا. چار پراسڪيوٽرز استعفيٰ ڏني، ڪمپني جو مالڪ شعيب شيخ ضمانت تي آزاد ٿي ويو جڏهن ته ٻين جوابدارن کي به ضمانتون ملي ويون. ٻئي پاسي اڳوڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پرويز القادر ميمڻ جوابدارن کي آزاد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو ته ايف آءِ اي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي. جوابدارن کي آزاد ڪندڙ اڳوڻي جج پرويز القادر کي ساڳئي ڪيس ۾ رشوت وٺڻ تي انڪوائري کي منهن ڏيڻو پيو، اڳوڻي جج ٻن ميمبرن واري ڪميٽي جي روبرو رشوت جو اعتراف ڪيو تنهن هوندي بعد ۾ ان کان انڪار ڪري ڇڏيو. شعيب شيخ ۽ ٻين جي آزادي خلاف ايف آءِ اي جي درخواست جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس اطهرمن الله ڪئي. تنهن هوندي ٻڌڻي دوران ڊپٽي اٽارني جنرل پيش نه ٿيو، جنهن تي عدالت ايف آءِ اي جي درخواست جي ٻڌڻي بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي ۽ هي معاملو جيئن تيئن ڳجهي قانوني پيچيدگين جو شڪار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنزيٰ تشدد ڪيس: جوابدار ڊاڪٽر محسن رياض جي 29 آڪٽوبر تائين عبوري ضمانت منظور

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) گهرو تشدد جو شڪار 11 سالن جي ننڍڙي ملازم ڪنزيٰ کي عدالت ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے