17 بدھ , اکتوبر 2018

منهنجو پيءُ پاڪستاني آهي ۽ مون کي ان تي فخر آهي: لنڊن جو ميئر

لاهور(ويب ڊيسڪ) لنڊن جي ميئر صادق خان چيو آهي ته سندس والد پاڪستاني آهي ۽ هن کي ان ڳالهه تي فخر آهي. لاهور ۾ الحمرا هال ۾ لنڊن جي ميئر صادق خان جي اعزاز ۾ تقريب رٿي وئي. ان موقعي تي هن چيو ته لاهور مان مليل عزت تي سڀني جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ۾ ڪافي ترقي ٿي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جو مستقبل گهڻو بهتر آهي. پاڪستان لنڊن سميت سڄي دنيا جي معيشت ۾ بهتر جاءِ وٺي سگهي ٿو.  صادق خان دهشتگردي جي خاتمي بابت چيو ته هلندڙ سال لنڊن ۾ دهشتگردي جا 4 واقعا پيش آيا، دهشتگردي تي ضابطي لاءِ اسان سڀني کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻو پوندو. هن چيو ته منهنجو پيءُ پاڪستاني آهي ۽ مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي. هن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي تعريف ڪندي چيو ته شهباز شريف جي انگلشن منهنجي اردو کان به گهڻي بهتر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اورنج ٽرين غير ضروري منصوبو جيڪو شهرت لاءِ رکيو ويو: هاشم جوان بخت

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي ناڻي واري وزير هاشم جوان بخت جو چوڻ آهي ته ڏکڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے