23 منگل , اکتوبر 2018

ڪراچي ڪنگز جا لاڙڪاڻي ۾ ٽرائل، 19 رانديگر چونڊيا ويا

لاڙڪاڻو (ن ع آ) پاڪستان سپر ليگ ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ ٽيم ڪراچي ڪنگز انتظاميا رانديگرن جي ڳولا جي سلسلي ۾ ٽرائل وٺڻ لاءِ لاڙڪاڻي شهر جي شيخ زيد اسٽيڊيم ۾ پي سي بي گرائونڊ تي پهتي، جتي ضلعي جا سوين رانديگر ٽرائل ڏيڻ لاءِ پهچي ويا. ان موقعي تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان راشد لطيف، ڪراچي ڪنگز ٽيم جي سيِ اِي او طارق وسيع، چيف سليڪٽر حيدرآباد اقبال امام ۽ ٻين رانديگرن کان ٽرائل ورتا، جنهن دوران رانديگرن جي بيٽنگ، بالنگ سميت ٻين شعبن ۾ صلاحيتون جاچيون ويون ۽ 19 رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي، جن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته کين ڪراچي ڪنگز جي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ سان گڏ کين ڪراچي ۾ ٽريننگ پڻ ڏني ويندي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪاشف ٽيپو، ايس پي هيڊ ڪوارٽر ۽ پرنسپال پوليس ٽريننگ اسڪول محمد راشد هدايت، اڳوڻي ايم پي اي حاجي منور علي عباسي، ڊسٽرڪٽ ڪرڪيٽ ايسوسئيشن جي صدر عبدالرزاق بروهي سميت ڪرڪيٽ راند سان واسطو رکندڙ سينيئر رانديگرن پڻ موجود هئا. ٽرائلس ۾ ڪراچي ڪنگز ٽيم جي سيِ اِي او طارق وسيع آيل مهمانن کي ڪراچي ڪنگز ٽيم جون شرٽون ۽ ٽوپيون تحفي طور ڏنيون. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ ٽئلينٽ جي ڪا به کوٽ ناهي، عمر ڪوٽ ۽ مٺي مان به بهترين رانديگرن کي سليڪٽ ڪيو ويو آهي، هينئر لاڙڪاڻي پهچي هتان جي بهترين رانديگرن جي چونڊ ڪري ملڪي سطح تي کين مختلف ڪرڪيٽ ٽورنامينٽن ۾ کيڏايو ويندو. ان سان گڏ ٻاهرين ملڪن ۾ به انهن جي ٽئلينٽ کي اجاڳر ڪري کين ڪرڪيٽ راند کيڏڻ جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ميرٽ جي بنياد تي رانديگرن جي چونڊ ڪيون، هن وقت تائين ميرٽ تحت ئي رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، جن کي ڪراچي ۾ تربيت به ڏينداسين.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪرڪيٽرن کي هراسان ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ آءِ سي سي جو اهم فيصلو

سنگاپور (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل رانديگرن جي گرائونڊ کان ٻاهر رويي کي بهتر رکڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے