10 پیر , دسمبر 2018

طاهر القادري سان گڏجي تحريڪ هلائينداسين: جهانگير ترين

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته نجفي ڪميشن رپورٽ کانپوءِ شهباز شريف ۽ راڻا ثناءُ الله استعيفيٰ ڏين، ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ طاهر القادري سان گڏجي تحريڪ هلائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ رڳو چهرا تبديل ٿيندا آهن، فيصلا هاڻ به نواز شريف ڪري رهيو آهي، حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، وقت کان اڳ چونڊون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته ملڪ جي آخري اميد عمران خان آهي، هو وزيراعظم بڻجي ڪرپشن جو خاتمو آڻيندو. جهانگير ترين چيو ته اسان ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ طاهر القادري سان گڏ آهيون، سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو پر جي يو آءِ ف سان اتحاد نٿو ٿي سگهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جڏهن لڳو ٽيم منهنجي ڪري هارائي ٿي ته ڪپتاني ڇڏي ڏيندس: سرفراز احمد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته جڏهن مون …