23 منگل , اکتوبر 2018

حقيقي زندگي ۾ پنهنجي فلمي ڪردار کان گهڻي مختلف آهيان: ريچا چڍا

ممبئي(شوبز نيوز) ورسٽائل اداڪارا ريچا چڍا هنن ڏينهن ۾ پنهنجي ايندڙ ڪاميڊين فلم ”فقري رٽرنز“ جي تشهير ۾ مصروف آهي. ”فقري رٽرنز“ ۾ ڪرمنل خاتون ڀولي پنجابڻ جو ڪردار ادا ڪرڻ واري ريچا چڍا چوي ٿي ته هوءَ حقيقي زندگي ۾ پنهنجي فلمي ڪردار کان گهڻي مختلف آهي، گڏوگڏ ئي اداڪارا بولي ووڊ ۾ ٿيندڙ وڏين پارٽين ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو سبب به ٻڌائي ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ريچا چڍا جو چوڻ هو ته هوءَ فلم ”فقري رٽرنز“ جي ڀولي پنجابڻ کان گهڻي مختلف آهي، هوءَ حقيقي زندگي ۾ نهايت ئي حساس ۽ مختلف شخصيت جي مالڪ آهي، پنهنجي فلم ”فقري رٽرنز“ جي حوالي سان ان جو چوڻ هو ته ان سيريز جي پهرين فلم دوران سڀ اداڪار هڪ ٻئي مان ناواقف هئا، پر هن ڀيري تمام اداڪارن ۾ سٺي دعا سلام ٿي هوندي، جنهن سبب فلم ۾ ڪم ڪرڻ دوران وڌيڪ مزو آيو. ان سوال جي جواب ۾ ته بالي ووڊ جي وڌين پارٽين ۾ شرڪت ڪرڻ ڪيريئر لاءِ سٺو سمجهو ويندو آهي ته جواب ۾ ريچا چڍا جو چوڻ هو ته ”مونکي ان حوالي سان ڪا خبر ناهي، ڇو ته ان کي اهڙين پارٽين ۾ شرڪت جي دعوت ناهي ڏني ويندي. اداڪارا جو وڌيڪ چوڻ هو ته هڪ اداڪار طور اهو لازمي آهي ته هر ڪو پنهنجو نمبر وڌائي، پر کيس ان سان ڪوبه فرق نٿو پوي، ڇو ته جيڪڏهن ان جي ڪابه فلم مداحن کي سٺي لڳي ۽ شوقين فلم ڏسي کلي پيا، اهو ئي منهنجي لاءِ ڪافي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شيرين مزاري به احد رضا ۽ مومنا تي ڏمرجي پئي

اسلام آباد (شوبز نيوز) ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 ۾ پيش ڪيل گيت ”ڪوڪو ڪورينا“ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے