24 بدھ , اکتوبر 2018

ملڪ ۾جمهوري هلچل جا 50سال ۽ نيون للڪارون

علي محمد ميمڻ

پاڪستان جي 70 سالن واري عمر ۾ 50 سال ملڪ مارشل لائن ۽ آمريتن جو شڪار رهڻ دوران عوام جي آزادين ۽ ملڪ ۾جمهوريت رائج ڪرڻ لاءِ جمهوري قوتن جي وجود ۾ اچڻ ۽ مختلف مرحلن ۾ڌار ڌار جماعتن جي قائم ٿيڻ ۽ پنهنجي سياسي فڪر ۽ جدوجهد جي تاريخ  ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي  جو اڌ صدي تي مشتمل تمام وڏو حصو يقيني طور تي ملڪ جي جمهوري جدوجهد جي شاندار تاريخ آهي.

جنرل مشرف واري آمراڻي دور ۾ محترما بينظير ڀٽو جي ٿيل شهادت پاڪستان جي جمهوري تحريڪ تي آمريت  دهشت گرد  قوتن جو هڪ ٻيو وڏو حملو هو. جنهن سان ملڪ جي مرڪزي جمهوري قوت پڻ گهائل ۽ زخمي ٿيڻ ڪري عملي طور تي بيهوشي واري حالت ۾سياسي آپريشن ٿيٽر جي بستري داخل ٿي آڪسيجن ٽينٽ ۾ هلي وئي.

پيپلز پارٽي کي سندس ٻي ڪرشماتي قيادت کان پڻ محروم ڪرڻ جي موتمار حادثاتي ۽ وچ  واري عرصي دوران پارٽي جي  قيادت آصف علي زرداري جي حوالي ٿي ۽ ان عرصي ۾ 2003ع ۾ ملڪ ۾ ٿيل عام چونڊن ۾پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي. جنهن ۾ ملڪ جو صدر آصف علي زرداري ۽ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني پنج سال ملڪ جي جمهوريت ۽ جمهوري تحريڪ جا قائد رهيا.  جنهن دوران پيپلز پارٽي جي حڪومت  سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني خلاف هڪ فيصلي تحت نااهل قرار  ڏيڻ ڪري پنهنجي وزارت عظمي وڃائي پر  پيپلز پارٽي جي حڪومت پارليامينٽ ۾ اڪثريت سبب حڪومت برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهي ۽ سانگھڙ مان پنجاب منتقل ٿيل پنجابي جيالي راجا پرويز اشرف کي باقي مدت لاءِ وزير اعظم چونڊيو ويو.  ان باوجود پيپلز پارٽي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترما بينظير ڀٽو جي سرواڻي ۽ قيادت واري ڪرسي پارٽي جي مقبول  قيادت نه هجڻ سبب خالي رهي. جنهن ڪري پارٽي 2013ع واريون عام چونڊن ۾ هارائي وئي۽ صرف سنڌ صوبي جي حڪومت مس بچائي سگهي.

ملڪ جي جمهوري تحريڪ ۾ نئون رخ نروار ٿيو آهي جو هڪ پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پنهنجي وجود کي 50 سال مڪمل ٿيڻ تي ملڪ ۾  گولڊن جوبلي تقريبون ۽ ڪانفرنسون ۽ عوامي جلسا شروع ڪري ملڪ ۾ 2018ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي باقاعدي شروعات ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي  5 ڊسمبر تي اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ ۾ ڪيل تمام وڏي جلسي عام ۾ پنهنجي ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي  قيادت باضابطا طور تي پارٽي جي نوجوان چيرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حوالي ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت ملڪ جي جمهوري تحريڪ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي وري  ٽيون  متفق، نوجوان  ڪرشماتي ليڊر مليو آهي، بلا ول ڀٽو زرداري جي خوشقسمتي اها پڻ آهي ته هو پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀٽو جو ڏهٽو ۽ سندس شهيد نياڻي محترما بينظير ڀٽو جو فرزند ۽ سندس وصيت مطابق پارٽي جو سربراهه چونڊيو ويو آهي، ان کان علاوهه سندس چئني پاسن ٽن نسلن سان تعلق رکندڙ اڳواڻ ساٿي ۽ متحد قوت ۽ ڍال بنيا آهن.

بيشڪ! پاڪستان پيپلزپارٽي ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت  ملڪ ۾ کاٻي ڌر جي فڪر ۽ جمهوريت لاءِ پاڻ ارپيندڙ جماعت طور پنهنجي سياست جي منظم انداز ۾ شروعات ڪندڙ جماعت ڪجهه ئي سالن ۾ ملڪ جي مقبول عوامي جماعت بنجي اڀري ۽ پاڪستان ۾ لڳل مارشل لائن ۽ عوام جي آزادي ۽  راء جي اظهار تي ڊگهين بندشن دوران ملڪ ۾ 1970ع ۾  عام چونڊون ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان ۾ شيخ مجيب الرحمان جي قيادت ۾ عوامي ليگ ۽ اولهه پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي قيادت ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اڪثريتي جماعتن طور ڪامياب ٿيون. جڏهن ته صوبي سرحد (خيبر پختونخواهه) ۽ بلوچستان ۾ نيشنل عوامي پارٽي ۽ جميعت علماء اسلام کي سرسي حاصل ٿي. پر ملڪ جي حڪمران جنرل يحيٰ خان، چونڊيل نمائندن کي اقتدار منتقل نه ڪيو ۽ ان دوران پاڪستان جي هندستان سان جنگ لڳي وئي. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو اڌ حصو اوڀر پاڪستان، 23مارچ 1971ع  تي الڳ ملڪ  “بنگلا ديش” بنجي ويو .

آخرڪار! جنگ واري حالت ۾ ئي جنرل يحيٰ، ملڪ جو اقتدار ڇڏڻ تي راضي ٿيو ۽  اولهه پاڪستان مان سوڀ حاصل ڪندڙ  پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو  کي اقتدار حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ حڪومت طرفان ذوالفقار علي ڀٽي کي آڻڻ  لاءِ  پي آء اي جو جهاز،  نيو يارڪ (آمريڪا)  روانو ڪيو ويو، جتي هو اقوام متحدا جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جو ڪيس وڙهي  رهيو هو. ان وچ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي تجويز تحت 6 ڊسمبر 1971ع تي ملڪ ۾ سول حڪومت قائم ڪئي وئي ۽ نورالامين کي وزير اعظم بنايو ويو. 18ڊسمبر 1971ع تي ذوالفقار علي ڀٽو نيو يارڪ کان واپس پاڪستان پهتو ۽ 20 ڊسمبر 1971ع تي ايوان صدر ۾  چيف مارشل لاءِ ايڊمنسٽريٽر  ۽ صدر جنرل يحيٰ خان کان سندس ٻنهي عهدن جي چارج حاصل ڪئي ۽ پاڻ هڪ ئي وقت ۾ سول چيف مارشل لاءِ ايڊمنسٽريٽر  ۽ ملڪ جي صدر جي عهدن جو قسم پڻ کنيو، اهڙي ريت جنرل يحيٰ کي ريٽائر ٿيڻو پيو ۽ پوء انيڪ تڪليف وارا مرحلا اڪرڻ بعد  پاڪستان ٻيهر پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ڪئي .

ملڪ ۾ جمهوري عمل جي پهريون ڀيرو باقاعدي نموني شروعات ٿي ۽ ملڪ جي چونڊيل اسيمبلي طرفان 1973ع ۾ اتفاق راء سان ملڪ جو پهريون پارلياماني ۽ جمهوري آئين منظور ڪيو ويو. جنهن تحت صدر ذوالفقار علي ڀٽو کي قومي اسيمبلي طرفان ملڪ جو وزير اعظم منتخب ڪيو  ويو ۽ 14 آگسٽ 1973ع تي ذوالفقار علي ڀٽي، ملڪ جي چونڊيل وزير اعظم جي  عهدي جو قسم کنيو. اهڙي ريت پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سنڌ ۽ پنجاب صوبن ۾ پڻ پنهنجيون حڪومتون قائم ڪيون ويون.

ملڪ ۾ سياسي نظام جي مضبوط ٿيڻ کان اڳ صرف 6 سالن بعد فوج جي سربراهه جنرل ضياء الحق بغاوت ڪئي ۽ ملڪ جي چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ، آئين معطل ڪري مارشل لاءِ لڳائي ڇڏي ۽ پوء ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي مختلف جيلن ۾ اذيتون ڏئي ۽ هڪ فرضي مقدمي ۾ ملوث ڪرائي ڦاسي ڏني ويئي .   جنهن سان ملڪ  وري وڏي  سياسي ۽ سماجي بحران جو شڪار ٿي ويو، جنهن جو ن تباهه ڪاريون مسلسل هن ملڪ کي پنهنجو شڪار ڪري رهيون آهن.دنيا جي مختلف ملڪن مان دهشت گرد اچي هن ملڪ تي حملا ڪري رهيا آهن ۽ انهن سان ملڪ ۽ سنڌو ماٿريء جا مالڪ ۽ ڀاڳيا انهن حملن جو شڪار آهن.

دنيا اهي تاريخي منظر پڻ ڏٺا ته  قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي قابل فخر نياڻي، امن ۽ عوامي جمهوريت جي هلچل جي سرواڻ محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي 9ورهين واري ڊگهي جلاوطني ختم ڪري وطن واپس اچي رهي هئي.  18 آڪٽوبر2007ع  جي روشن ڏينهن تي ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ملڪ جي لکين عوام پنھنجي بي مثال اڳواڻ  جو شاندار استقبال ڪيو، جيڪو ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي اجتماع قرار ڏنو ويو. اڄ محترما بينظير ڀٽو جي فرزند بلاول ڀٽو زرداريءَ سندس وصيت  ۽ پارٽي جي چونڊ تحت ملڪ جي جمهوري قافلي جي تمام مشڪل ۽ آزمائش وارين حالتن ۾ اڳواڻي سنڀالي آهي، يقينن اها ذميواري ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام ۽ ملڪ جي جمهوري مستقبل جي حوالي سان وڏي آزمائش هوندي پر اسان سندس قيادت ۾ عوام جي ڪاميابين کي ڀليڪار چئون ٿا ۽ بهتر مستقبل جي اميد رکون ٿا.

بيشڪ ! محترمه بينظير ڀٽو جي وطن واپسي، ملڪ جي سياسي ۽ سماجي تاريخ کي بدلائيندڙ معرڪو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۽ عوام کي رتو ڇاڻ ڏانهن ڌڪيندڙ آمريت کان نجات حاصل ٿي ۽ سنڌ کي ورهائڻ واروظالمن جو منصوبو ناڪام ٿيو ۽ يقينن ،عوام، دهشت گردن سان جنگ وڙهي، تاريخي سوڀون ماڻيون آهن. جن ۾ملڪ تان آمريت جي رات جو خاتمو  ٿيو، 1973ع جو آئين ۽ جمهوري پارليماني نظام ٻيهر  بحال ٿيو ، آئين ۾ 18هين ترميم ذريعي صوبائي خودمختياري جو حق حاصل ٿيو. ان کان علاوه آزاد عدليا جي بحالي ۽ ملڪ مان ناانصافي جو خاتمو ۽ حڪمرانن جو شفاف احتساب ٿيڻ ۽ ملڪ کي ترقي يافتا ۽ عوامي فلاحي مملڪت بنائڻ لاءِ مضبوط بنياد پئجي چڪا آهن۽ هاڻي انهن  ڪاميابين جي حفاظت ۽ تڪميل باقي آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو بي رحماڻو قتل عالمي ضمير لاءِ امتحان..!!  

خادم رند ناميارو سعودي صحافي جمال خاشقجي 2 آڪٽوبر تي ترڪي جي شھر استنبول ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے