15 جمعرات , نومبر 2018

عدالت، روايت ۽ سنڌ سرڪار

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻيءَ جي صورتحال خراب آهي، اسان ان صورتحال کي تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. سنڌ جي وڏي وزير کي احترام سان عدالت ۾ گهرائڻ جو مقصد سنڌ جي معاملن کي بهتر ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ آهي. سنڌ سرڪار کي پاڻي ڪميشن جي رپورٽ ۾ موجود سنگيني کي سنجيدگي سان وٺي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ڏانهن اڳڀرائي ڪري ته جيئن سنڌ جي صورتحال بهتر ٿي سگهي.  چيف جسٽس چيو ته اهو طئي آهي ته مسئلو حل ٿيڻو آهي، عدالت کي اختيار به هجن ته حڪومت تي چڙهائي نه ڪندي، غير جانبداري سان عوامي مفادن لاءِ آئين ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پر جڏهن به خال هوندو ته عدالت پاڻ خال ڀريندي، بد ديانتي لاءِ ڪڏهن به نه چونداسين ته ان کي سچ سمجهي قبول ڪريو. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪير ڪير ذميوارين تي رهيو اهو اڃان ناهي ڏٺو، پر جيڪي به ذميوار رهيا، انهن کي نه ڇڏبو.

ڪالهه، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ شهر ۾ صاف پاڻي جي عدم فراهمي ۽ نيڪالي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ڪراچي جو اڳوڻو سٽي ناظم  مصطفيٰ ڪمال به سپريم ڪورٽ طرفان طلبي تي عدالت ۾ موجود هيا. عدالت جي ڪمري ۾ خراب پاڻي بابت درخواست  ڪندڙ ائڊوڪيٽ شهاب اوستو طرفان پيش ڪيل دستاويزي فلم ڏيکاري وئي.ان فلم کان پوءِ تبصرو ڪندي چيف جسٽس چيو ته هن زمين تي سڀ کان وڏي نعمت ئي پاڻي آهي ۽ سنڌ سرڪار ماڻهن کي صاف پاڻي به نه ٿي ڏئي. سپريم ڪورٽ پاران کنيل هن ڪيس کي مخالفاڻو نه ورتو وڃي، هن چيو ته عدالت ۽ سنڌ سرڪار کي مسئلن جي گڏيل حل لاءِ ڳولا ڪرڻي آهي. ان سلسلي ۾ عدالتون پڻ مدد ڪنديون، پر شرط اهو آهي ته سرڪار ان باري ۾ ڪجهه ڪرڻ شروع ڪري.

عدالت ۾ سيد مراد علي شاهه وڊيو فلم تي تبصرو ڪندي چيو ته صورتحال ڪا بهتر ته ناهي پر اها فلم هڪ طرفي آهي. عدالتي ڪمري ۾ روسٽرم تي موجود سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جيڪا ويڊيو عدالت ۾ ڏيکاري وئي آهي اها درخواستگذار جي بڻايل آهي،  صورتحال ايتري سنگين ناهي، موقعو مليو ته جلد سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي ويڊيو پيش ڪندس. چيف جسٽس آف پاڪستان سنڌ جي وڏي وزير کي مخاطب ڪندي چيو ته توهان جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري منهنجن ٻارن جيان آهي ۽ هو ڏسي ته لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن جا ماڻهو ڪهڙو پاڻي پي رهيا آهن، خواهش هئي ته بلاول به هتي هجي ها ۽ صورتحال ڏسي ته ان کي به خبر پوي ها ته لاڙڪاڻي جي ڪهڙي صورتحال آهي. ان موقعي تي جسٽس فيصل عرب چيو ته توهان کي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عوام چونڊيو آهي، انتظاميا جي ناڪامي کان پوءِ ماڻهو عدالتن ڏانهن منهن ڪندا آهن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجا ڪلها توهان کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر شاهه صاحب توهان کي به ڪم مڪمل ڪرڻ جي گارنٽي ڏيڻدي پوندي، توهان هن قوم جا چونڊيل اڳواڻ آهيو، علم، ليڊر شپ ۽ قانون تي عمل ڪندڙ قومون ئي ڪامياب ٿينديون آهن.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته 6 مهينن ۾ اهو ڪم مڪمل نٿو ٿي سگهي. چونڊجڻ کان پوءِ طئي ڪيو هو ته ڪجهه مثال قائم ڪندس، قطار سڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، يقين ٿو ڏياريان ته عدالت کي ڪم نظر ايندو پر عدالت کان وقت ڏيڻ جي اپيل آهي. وڏي وزير چيو ته اسان حڪمت عملي طريقي، مالياتي وسيلن بابت عدالت کي ٽائم فريم ڏينداسين.

ٻئي پاسي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سپريم ڪورٽ ٻڌڻي کان پوءِ ۽ شام جو صدر ۾ ٻيهر بحال ڪرايل ”جهانگير پارڪ“ ۾ ميڊيا ۽ سيئر صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سپريم ڪورٽ پاران صوبي جي وڏي وزير کي گهرائڻ جي نئين روايت آهي، کيس آئين جي آرٽيڪل 248 هيٺ بچاءُ حاصل هيو ته هو عدالت ۾ حاضر نه ٿئي پر هن کي خوشي ته ملڪ جي عدالت به سنڌ جي مسئلن جي باري ۾ سنجيدگي ڏيکاريندي کيس گهرايو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي پيو ان جي ذميداري مٿس آهي. پاڻيءَ جي صورتحال بهتر نه آهي.  هن چيو ته، ڪي فور 25 ارب روپين جي رٿا آهي، جيڪو هاڻي 33 ارب روپين جو ٿي ويو آهي. پر وفاق رڳو 3 بلين روپيا ڏنا آهن. اسان منصوبي لاءِ سمورا فنڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان پروجيڪٽ تي ڊبليو ايف او ڪم ڪري رهيو آهي. منصوبي تي 5 ارب رپيا رڳو زمين جي لاڳت تي خرچ ٿيندي.

هن صحافين کي ٻڌايو ته اڄ سپريم ڪورٽ جي جج چيو آهي ته اسان سنڌ ۾ پهريون پاڻي جي مسئلي کي اٿاري ٻين صوبن جي ماڻهن سان زيادتي ڪئي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ روزانو 650 ملين گيلن پاڻي اچي ٿو. مراد علي شاھ چيو آهي ته عدالت ۾ پٽيشنر جي رڳو ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي آهي حقيقت ناهي ڏيکاري وئي. هن چيو ته ميجر پوائنٽن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جتان گندو پاڻي نهرن ۾ وڃي رهيو آهي. اسان پاڻي کي صاف ڪري نهرن ۾ ڇوڙ ڪنداسين. هن چيو ته عدالت مون کي ٻُڌو ۽ موقف بيان ڪرڻ جو پورو موقعو ڏنو. مان حلف کڻڻ کان اڳ ئي چيو هو ته سمورا مسئلا حل نه ٿي سگھندا. پر وڃڻ کان اڳ هڪ لائِين ضرور ڏئي ويندس. پوئتي نه هٽندس.

عدالت ۾ چيف جسٽس ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي مڪالمن جون ڳالهيون هليون، پر ملڪ جي اعلي عدالت جي چيف جسٽس پاران ذوالفقار علي ڀٽي جي واکاڻ ڪرڻ پڻ عدالت آڏو ان قتل جو اعتراف آهي، جيڪو انهن ملڪ جي آمريت سان گڏجي ڪيو هو ۽ جنهن جو فيصلو اڃا تائين ايوانن ۽ عدالتن جي چارديوارن ۾ انصاف لاءِ تڙپي رهيو آهي. ساڳئي وقت، سنڌ سرڪار کي به گهرجي ته پاڻيءَ سميت حياتي ۽ موت سان لاڳاپيل مامرن کي پڻ سنجيدگي سان حل ڪرڻ جي پاسي عملي قدم کڻي.

خميسڊسمبر  2017ع، 18 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

…۽ هاڻي سنڌ ۾ ٻيلن جي واڍي، ڳالهه ڪٿي ڇيهه ڪندي..!!؟

اڄ سنڌ ۾ صدين کان بيٺل ٻيلن جو وجود خطري ۾ پئجي ويو آهي، سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے