18 جمعرات , اکتوبر 2018

سنڌ جي زراعت خلاف ٿيندڙ سازشن جو نوٽيس ڪير وٺندو؟

ادل سولنگي

سنڌ ملڪ جو اهم زرعي خطو آهي، هتان جي 70 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل رهي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ ۾ گهڻي ڀاڱي زرعي سماج موجود آهي، جڏهن ته 30 سيڪڙو سنڌ جا ماڻهو شهري سماج سان لاڳاپا رکندڙ آهن، شهري سماج ۽ زرعي سماج جون گهرجون، ماڻ،ماپا، ڪلچر، وسيلا، اُپت، کپت پڻ مختلف آهن، زرعي سماج ۾ زراعت کان سواءِ گهريلو جانور پالڻ، کير، مکڻ، گوشت جو واپار ڪرڻ ۽ مختلف زرعي جنسون پوکي اُپت جي آڌار تي پنهنجي زندگيءَ جي رٿابندي ڪرڻ ۽ سماج ۾ پاڻ ڀرو رهڻ لاءِ ڏينهن رات پورهيي سان سلهاڙيل زرعي سماج ۾ رهندڙ انسان ڌرتي کي کيڙي اُن مان سون اُپائيندڙ رهيا آهن، جنهن جي عيوضي سندن مالي حيثيت مضبوط ٿيندي رهندي آهي. زرعي سماج ۾ وهانوَ، شاديون پڻ فصل لهڻ سان لاڳاپيل هونديون آهن. ميلا ۽ ملاکڙا پڻ ساڳي طرح فصل لهڻ کانپوءِ ٿيندا آهن، فصل لهڻ کانپوءِ زرعي سماج ۾ دهل ۽ شرنائين جي گونج واهڻ وستيءَ ۾ اُڀرندي رهندي آهي، جنهن سان گڏ سهرا لاڏا، جهمريون ۽ جمالا ڪر موڙي اٿي پوندا آهن، چئوڏسائن ۾ خوشيءَ جون هوائون آڳرن کي اجرو ڪنديون رهنديون آهن.  هٿن تي مينديون لڳنديون آهن ۽ مٿي تي موڙون ٻڌيون وينديون آهن.

سنڌو درياهه جو پوئتر پاڻي جڏهن سنڌ جي زرخيز زمين ۾ رت جيان ڍوڙون پائيندو آهي، تڏهن ڌرتيءَ مان ميوا، ڀاڄيون، ڪڻڪ، ڪمند، سارين، ڪڻڪن، جوئر، ٻاجهرجا کيت، کڙي پوندا آهن، لوڪن جي مُکن تي مُرڪن جو مينهن اوڙڪون ڪري وسندو آهي، جنهن مان زرعي سماج جي سرهائي ڦٽي  پوندي آهي. شام ڌاري جڏهن مال جا وڳ وٿاڻين ورندا آهن، تڏهن ٽلين، ڇڙن جي جانجهر ۾ ماحول ٻَهه ٻَهه ڪري ٻُري پوندو آهي.  سنڌ جي زرعي سماج ۾ هر آڱر تي رکيل ان جون گنديون ڀريون وينديون آهن ۽ سڄي سال جي گذر سفر جو ثمرگڏ ڪري رکيو ويندو آهي.

ها پر اهي ڳالهيون ته ان زماني جون آهن، جڏهن سنڌو درياهه مٿان ڪي به بند ٻڌل نه هوندا هئا ۽ سنڌو مست اَلست ڇولين سان گڏ انڊس ڊيلٽا ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هئو.  پنهنجي ٻنهي ڪنارن سان گهاٽن ٻيلن کي نئون جنم ڏيندو ، نهايت ئي فخر سان پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪندو رهندو هئو.

سنڌ ۾ روايتي زرعي جنسون پوکڻ وارو زمانو ڪڏهن جو گذري ويو، ان سان گڏ گذري ويو، اهو ونگاري ۽ آهتي وهنوار.

اڄ جي زراعت نهايت ئي مهانگي ڪرت ۽ اُپت آهي، ڇاڪاڻ جو هائبرڊ جنسون پوکڻ، زرعي دوائون ۽ يوريا ڀاڻ جو جهجهو استعمال ڪرڻ سبب فصل جي لاڳت انتهائي گهڻي ٿي وڃي ٿي. اُپايل زرعي جنسن جي مُلهه جو مامرو انتهائي ڳنڀير صورت اختيار ڪري چڪو آهي. گذريل ويهارو سالن کان وٺي آبادگار/هاري کي زرعي جنس جو سٺو ۽ مقرر سرڪاري اگهه نه ملڻ وارو عمل ڏاڍو ڏکوئيندڙ رهيو آهي. ڪڻڪ، سارين، ڪپهه، ڪمند جي پوکڻ ۽ فصل لهڻ جي مند ڀرجي اچڻ باوجود سرڪار خاص ڪري زراعت ۽ آبپاشي کاتو اگهور ننڊ ستل رهندو سڏڻ ۾ ايندو رهيو آهي. آبادگار/هاري سارين جي مند ۾ سرڪاري اگهه نه ملڻ ۽ ساريون خريد نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندا رهيا آهن. جڏهن ته ووئنڻن ۽ ڪمند جو اگهه وڌرائڻ لاءِ پڻ آبادگار/هاري احتجاج ڪندا رهيا آهن. ان کانسواءِ سارين جي پوکائي جي مند ۾ پاڻي کوٽ خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي آهي ۽ ڪڻڪ جي بارداڻي لاءِ به سنڌ جو آبادگار/هاري سراپا احتجاج هوندو آهي پر زراعت کاتو ۽ آبپاشي کاتو پنهنجون ذميواريون نڀائڻ کان سدائين ڪن لاٽار ڪندي گسائڻ واري عمل جو مسلسل ورجاءُ ڪندو رهندو آهي. جنهن جي ڪري به نه رڳو زراعت کي ڪاپاري نقصان ٿيندو رهيو آهي پر ان کان وڌيڪ نقصان آبادگار ۽ هاري برداشت ڪندو رهيو آهي. جنهن کي سرڪار ڪنهن به قسم جي ” سبسڊي“رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

هڪ طرف زرعي جنسون هائبرڊ هجڻ سبب مهانگيون آهن ته ٻئي طرف فصل لهڻ تي انهن جو مُلهه ٽڪي جو ڪري آبادگار/هاري کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. نقلي زرعي دوائون ۽ يوريا ڀاڻ وڪرو ڪندڙ خانگي ڪمپنين کان پڇاڻو ڪرڻ کانسواءِ کين کين سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري نقصان پهچائن لاءِ ڄڻ ته ڇيڪ ڇڏيو ويو آهي. سارين جي آبادگارن کي سيلرن وارن جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ، ووئنڻن جي آبادگارن/هارين کي هٿ وٺي ڪاٽن فيڪٽرين جو ڳيجهو بڻائڻ، ڪڻڪ جي آبادگارن/هارين کي خوراڪ کاتي جي لتاڙ هيٺ رکڻ، ڪمند جي آبادگار/هارين کي شگر ملز انتظاميا جي مرضيءَ موجب رهڻ تي مجبور ڪرڻ، ميون ۽ ڀاڄين جي آبادگار/هاريءَ کي شهرن جي مارڪيٽ/منڊين جو محتاج بڻائڻ ۾ واسطيدار سرڪاري کاتن جي لاپرواهي جو اهم ڪردار رهيو آهي. ڪمند جو فصل ٻن مهينن کان تيار بيٺو آهي پر شگر  مل انتظاميا ملون هلائڻ ۽ ڪمند جي خريداري ڪرڻ کان ناپري واري بيٺل آهي. جڏهن ته متاثر آبادگارن جو احتجاج به جاري آهي. ڪيترن ئي آبادگارن/هارين ڪمند مان ڳڙ مٺائي ٺاهي وڪرو ڪئي آهي، ڪيترن ئي آبادگارن/ هارين پنهنجي فصل کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي.

ايوان زراعت سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته شگر ملون 48 ڪلاڪن اندر هلائڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن، جڏهن ته سندن اهو به مطالبو آهي ته ڪمند  جو سرڪاري اگهه 182 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ آبادگارن/هارين سان ناانصافي آهي، هنن جو اهو به چوڻ آهي ته سرڪار کنڊ جي ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ شگر ملز کي 3 ارب رپيا سبسڊي ڏني آهي، جيڪا به ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي، هنن جو چوڻ آهي ته شگر ملز کي ڏنل سبسڊي کي آبادگارن/هارين جي مفادن سان سلهاڙيو وڃي، جنهن مان آبادگارن/هارين کي پڻ فائدو ملي سگهي. هنن جو چوڻ آهي ته شگر ملون ٻه مهينا گذري وڃڻ باوجود چالو ناهن ڪيون  ويون، جنهن سبب آبادگارن/هارين جو ڪروڙين رپين جو ٿيل نقصان سرڪار کي ڪمند جو سرڪاري اگهه 250 مقرر ڪري رليف ڏيڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ ايوان زراعت ۽ زراعت سان لاڳاپيل تنظيمن چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته  7 ڊسمبر تي حيدرآباد ۾ شگر ڪين ڪميٽي واري سڏايل اجلاس ۾ شرڪت ڪري پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ سختيءَ سان تحريڪ هلائن جو اعلان ڪيو ويندو.

ميرپور خاص جي چئن شگر ملن پاران ڪمند  خريد نه ڪرڻ خلاف 11 ڊسمبر تي بلاول هائوس آڏو آبادگارن/هارين احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سنڌ سرڪار سنڌ ۾ ڪمند جو اگهه 182 رپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. آبادگارن/هارين جي اعلانيل نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻي کي روڪڻ لاءِ، سرڪار آبادگارن جي نمائندن ۽ پاسما وچ ۾ ڳالهيون ڪرائي ڄاڻايل اگهه مقرر ڪيو آهي، جنهن تي  به ايوان زراعت جي نمائندن خدشو ڏيکاريو آهي، ڪمند جو مقرر اگهه ڏيارڻ لاءِ سنڌ سرڪار شگر ملن کي پابند ڪري ته جيئن آبادگار/هاري پنهنجي نقصان جو ازالو ڪري سگهن. هن کان اڳ سنڌ ڪابينا ۾ فيصلو ڪيو ويو هئو ته شگر ملون چالو ڪرائي آبادگارن/هارين کان ڪمند خريد ڪيو ويندو، جڏهن ته زراعت کاتي جي وزير ڪمند جو سرڪاري اگهه مقرر ڪرڻ جي ڏس ۾ لاچاري ڏيکاريندي، عقل جا واهڙ وهائيندي چيو هئو ته ڪمند جو سرڪاري اگهه بعد ۾ مقرر ڪيو ويندو.

جڏهن سرڪار هٿ وٺي زراعت کي تباهه ۽ برباد ڪندي هجي ته پوءِ آخر اهڙي ناانصافي جو تدارڪ صرف اعليٰ عدالتون ئي ڪري سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ جو زراعت سنڌ جي ڪرنگهي جي هڏيءَ واري حيثيت رکندڙ ۽ زندگيءَ جو اهم شعبو آهي، جنهن کي هر حال ۾ بحال ٿيڻ گهرجي، جنهن سان سنڌ جي 70 سيڪڙو آباديءَ جي زندگي لاڳاپيل آهي. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سڀ کان بهترين رليف آبادگار/هارين کي ڏنو وڃي، ان کانپوءِ لاڳاپيل شعبن کي هٿي ڏني وڃي، ڇاڪاڻ جو بنيادي حيثيت زراعت  جي آهي، ان لاءِ سنڌ سرڪار کي گهرجي ته آبادگار/هاري کي بجلي، پاڻي، تيل، زرعي دوائن، زرعي جنسن، يوريا ڀاڻ جي قيمتن ۾ لاٿ ڪري سستي اگهه تي مهيا ڪرڻ لاءِ تحرڪ/اُپاءَ ورتا وڃن، جنهن سان زراعت جي شعبي کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ هٿي ملندي ۽ سنڌ جو زرعي  سماج معاشي ڌٻڻ مان نڪري خوشحال سمجا ڏانهن وکون کڻي سگهندو ۽ پنهنجي ريتن ۽ روايتن کي اڳتي وٺي هلندو ۽ پنهنجي ڪلچر کي جڳ جهان ۾ مٿاهون ڪري سگهندو، جڏهن سرڪار انهن آبادگارن/هارين  جي اخلاقي ۽ مالي مدد ڪندي، تڏهن ئي زرعي سماج جي بهتري ٿيندي رهندي، جنهن سان سنڌ جي خوشحالي لاڳاپيل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلين جي جاچ لاءِ پارلياماني ڪاميٽي جو ٺهڻ..! 

خادم رند پاڪستان ۾ 25 جولاءِ تي ٿيل عام چوندن جي شفافيت ۽ غير جانبداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے