23 منگل , اکتوبر 2018

آمريڪا القدس تي اسرائيلي قبضو قبولي ورتو، عالمي برادري جي مذمت، مسلمانن ۾ تاءُ

واشنگٽن / يروشيلم (م ڊ) آمريڪا والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جي گادي وارو هنڌ طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل جي گادي جو هنڌ يروشيلمالم 8 منتقل ڪرڻ واري عمل کي تسليم ڪري ورتو ۽ چيو ته  وقت اچي ويو آهي ته يروشيلم کي اسرائيلي گادي جو هنڌ تسليم ڪيو وڃي، آمريڪا  پنهنجو سفارت خانو تل ابيب کان بيت المقدس منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن آمريڪا جي اهڙي عمل سان مسلمان ملڪن ۾ ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي آهي. پاڪستان، سعودي عرب، فلسطين، اردن، مراڪش، ترڪي، مصر،  عرب ليگ، يورپي يونين ۽ ٻين آمريڪي صدر ٽرمپ جي اهڙي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي اتحادي قادري به عوام کي رستن تي اچڻ جو چئي ڇڏيو

لاهور: ( م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري هاڻوڪي نظام خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے