11 منگل , دسمبر 2018

اسحاق ڊار نواز شريف کان وڌيڪ ناڻي جي ڦرلٽ ڪئي آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نواز شريف کان وڌيڪ اسحاق ڊار ناڻي جي ڦرلٽ ڪئي آهي، هاڻي لنڊن، دبئي ۽ سعودي عرب ۾ بي نامي ملڪيت جي جاچ شروع ٿي وئي آهي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مون کي مسلم ليگ ن جو ڌڙن تختو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، هن وقت طاهر القادري ئي نه پر سموري قوم ڌرڻي ۾ آهي، جيڪڏهن آصف زرداري ۽ طاهر القادري ۾ اتحاد ٿيو ته ملڪ گير اپوزيشن جو ماحول ٿي ويندو ۽ فضل الرحمان به آصف زرداري جي ڪنهن نه ڪنهن تعويذ ۾ اچي ويندو ۽ سينيٽ جي چونڊن کان اڳ ڪوئيڪ مارچ ٿي ويندو. هن چيو ته هر سال 200 ارب رپين جي چوري جو بل عام ماڻهن جي کيسي ۾ وڌو ويندو آهي. شيخ رشيد چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف ڪوڙن جا آءِ جي آهن، جڏهن ته راڻا ثناءَ الله ملڪ ۾ فرقيوار فسادن جو خالق آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ICC Test Rankings: Top-ranked Virat Kohli maintains position, Jasprit Bumrah on career-high 33

آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ياسر شاهه ۽ اظهر علي جي ترقي

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے