20 ہفتہ , اکتوبر 2018

عوامي آواز نيوز:سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي  غلام حيدر جمالي  ۽ ٻين جي ضمانت بابت درخواستن جي ٻڌڻي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي  غلام حيدر جمالي  ۽ ٻين جي ضمانت بابت درخواستن جي ٻڌڻي وڪيل شهاب سرڪي  جي سپريم ڪورٽ ۾ رڌل هجڻ سبب 14 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

ان موقعي تي عدالت جوابدارن جي ضمانتن ۾ به ايندڙ ٻڌڻي تائين واڌ ڪري ڇڏي .

ان موقعي تي نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته ملزمن خلاف ريفرنيس داخل ڪيو ويو آهي.

عدالت جوابدارن جي وڪيلن کي ريفرينس جا نقل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو .

جوابدارن تي غيرقانوني ڀرتيون ڪرڻ ، ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال ڪرڻ جا الزام آهن، غلام حيدر جمالي ۽ ٻيا جوابدار ضمانت تي آزاد آهن، جڏهن ته اڳوڻو ايڊيشنل آءِ جي فداحسين شاهه ۽ طاهر احمد گرفتار ٿيل آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | نوابشاهه ۾ سماجي تنظيم هوشيا شاگردن کي ڇو گهرايو ؟ ايوارڊ ڪنهن لاءِ آندا ويا ، ڏسي ٿي ويندي لاجواب ؟؟

نوابشاهه ۾ المصطفيٰ ويلفيئر ٽرسٽ تقريب ڪوٺائي اي ون گريڊ ماڻيندڙ شاگردن توڙي شاگردن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے