23 منگل , اکتوبر 2018

عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت سان اقتدار جو فيصلو ڪندو آهي: شهباز شريف

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته عوام طاقت جو سرچشمو آهي ۽ اهوئي ووٽ جي طاقت سان اقتدار جو فيصلو ڪن ٿا. ووٽرن جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته مسلم ليگ ن جمهوري روايتن جي امين پارٽي آهي جنهن جمهوري ادارن جي مضبوطي لاءِ هميشه پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته عوام طاقت جو سرچشمو آهي، عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت سان اقتدار چاهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ووٽرن جي قومي ڏينهن جو مقصد ووٽ جي اهميت ۽ افاديت کي اجاگر ڪرڻ آهي ڇو ته جمهوري نظام ۾ راءِ ڏيندڙ جي اهميت پنهنجي جاءِ تي اهم آهي. شهباز شريف چيو ته ووٽ جي اهميت ۽ تقدس جمهوري نظام جي مضبوطي ۾ بنيادي اهميت وارو آهي، جن معاشرن ۾ راءِ کي اهميت ڏني ويندي آهي اهي وڌندا آهن.  هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن ووٽ جي اهميت اجاگر ڪرڻ جو عزم ورجائڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

صوبائي حڪومتون غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف ڪارروائي ۾ سهڪار ڪن: چيف جسٽس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار صوبائي حڪومتن کي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے