23 منگل , اکتوبر 2018

مسلم ليگ ن به آمريڪي سفارتخانو بيت القمدس منتقل ڪرڻ خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو

 لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر حنا پرويز بٽ ڊونلڊ ٽرمپ جو آمريڪي سفارتخانو بيت المقدس منتقل ڪرڻ خلاف ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو. تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ميان محمود الرشيد کان پوءِ مسلم ليگ ن جي عورت اسيمبلي ميمبر حنا پرويز بٽ به آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان فيصلي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو. حنا پرويز بٽ طرفان جمع ڪرايل ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا جي ان فيصلي سڄي مسلم امت جي توهين ڪئي آهي، آمريڪا يهوديت نواز پاليسي سڄي دنيا جي سامهون اچي چڪي آهي، سلامتي ڪونسل، عرب ليگ سميت سمورن اسلامي ملڪن جي گڏ ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي. حنا پرويز بٽ طرفان جمع ڪرايل ٺهراءَ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ يورپ اسرائيل جي ٻولي ڳالهائي رهيو آهي، سڄي مسلم امت تي آمريڪا طرفان حملو ڪيو ويو آهي. ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته گڏيل قومون آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان فيصلي جو فوري نوٽس وٺن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪجهه چور وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏي رهيا آهن: شيخ رشيد

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے