11 منگل , دسمبر 2018

ٽرمپ جي تڪراري فيصلي تي اڄ گڏيل قومن جو هنگامي اجلاس ٿيندو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا طرفان يروشلم کي اسرائيل جو راڄڌانو تسليم ڪرڻ واري فيصلي کانپوءِ اڄ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هڪ هنگامي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. سلامتي ڪائونسل جي هاڻوڪي صدر جاپاني سفارتڪار ڪارو بيسو موجب اجلاس گهرائڻ جون اهي درخواستون سوئيڊن، برطانيا، فرانس، بوليويا، مصر، اٽلي، سينيگال ۽ هنگري طرفان موڪليون ويون. واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ گذريل رات ئي يروشلم کي اسرائيلي راڄڌانو تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ عالمي اڳواڻ آمريڪا تي تنقيد ڪري رهيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرڏيهي وزير جي فرانسيسي سيڙپڪارن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير  مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته فرانسيسي سيڙپڪار، پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے