10 پیر , دسمبر 2018

نيوز | هالاڻي ٽائون ڪميٽي جي چونڊيل نمائيندن جي نااهلي، شهر گندگي جي ور

هالاڻي ٽائون ڪميٽي جي چونڊيل نمائيندن جي نااهلي سبب شهر توڙي ڀرپاسي وارا علائقا گندگي جي ورچڙهي ويا، مقامي ماڻهو مڙني سهولتن کان محروم ٿي ويا

 

هالاڻي ٽائون ڪميٽي عرصي کان ترقياتي ڪم نه ٿيڻ جي ڪري ملاح پاڙو، گاڏهي محلا،ميمڻ محلا،مغل محلا،پيرزادا محلا۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿيا.

ٽائون ڪميٽي ۾ 28 لک بجيٽ هجڻ باوجود مختلف گھٽين ۽ رستن تي پاڻي بيهجي وڃڻ ڪري شهرين جو جيڻ جنجال بڻجي ويو، رهواسي پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا

لکين روپين جا ٺيڪا من پسند ماڻهن جي نالي ڪري ڪم ڪاغذي ڪاروائي ۾ مڪمل ڄاڻائي لکين روپين جي ڪرپشن ڪئي پئي وڃي جڏهن ته جعلي ڀرتي ڪيل سفيد پوش من پسند ماڻهو جن کي ڪمپيوٽر اسڪن تي ڪوڙا آرڊر جاري ڪرائي هالاڻي ٽائون ۾ مقرر ڪيو ويو آهي

هالاڻي جي ساڃاهه وندن  نيب چيئرمين کان مطالبو ڪيو آهي ته هالاڻي ٽائون ۾ جعلي ڀرتين ڪرپشن جي اعليٰ سطحي جاچ ڪري هالاڻي واسين سان انصاف ڪيو وڃي …………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: وائيس فار مسنگ پرسنس سنڌ پاران ملير کان ٻن ڏينهن وارو مارچ شروع، رستا روڪ

انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن طرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے