20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ٽرمپ جون پاليسيون دنيا کي تباهي ڏانهن ڌِڪي رهيون آهن: پرويز مشرف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه پرويز مشرف چيو آهي ته ٽرمپ جون پاليسيون دنيا کي  تباهي ڏانهن ڌڪي رهيون آهن، آمريڪا پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري، او آءِ ايس اهڙو قدم کڻي جنهن سان آمريڪا فيصلو واپس وٺي. آمريڪي صدر طرفان والاريل بيت المقدس کي اسرائيل جو راڄڌانو تسليم ڪرڻ واري فيصلي تي ردعمل ڏيندي اڳوڻي صدر پرويز مشرف چيو ته آمريڪي فيصلو اسلامي دنيا لاءِ مايوس ڪندڙ آهي، ڊونلڊ ٽرمپ جون پاليسيون دنيا جي امن لاءِ خطرناڪ آهن، اهو آمريڪي فيصلو عالمي قانونن جي خلاف آهي، آمريڪا پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري. هن چيو ته اسلامي ملڪ حالتن جو جائزو وٺي گڏيل حڪمت عملي تيار ڪن، او آءِ سي کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن، جنهن سان آمريڪا پنهنجو فيصلو واپس وٺي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀاشا ڊيم قومي معاملو آهي، ڪالا باغ جيان سياست جي ور چڙهڻ نه ڏبو: حمزه شهباز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزه شهباز شريف چيو آهي ته ديامر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے