16 اتوار , دسمبر 2018

نيوز | عوام تبديلي چاهي ٿو، جنهن کي ڪير به روڪي نٿو سگهي: گل محمد رند

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ گل محمد رند چيو آهي ته سنڌ جو عوام تبديلي چاهي ٿو، جنهن کي تبديلي آڻڻ سان ڪير به روڪي نٿو سگهي.

پي ٽي آءِ شھيد بينظير آباد جي ڊويزنل صدر گل محمد رند جو درگاھ سخي ڄام ڏاتار جي مزار تي حاضري ڀرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻي هاڻي پي ٽي آءِ سڄي سنڌ ۾ پنهنجا پير کوڙي ڇڏيا آهن، جنهن سبب مخالف وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن.

هن چيو ته پپليزپارٽي جي وڏيرن خوشحال ۽ زرخيز سنڌ بدحال ۽ بنجر ڪري چڏي آھي، جنهن سبب نوجوان آپگهات ڪرڻ مجبور آهن.

سندس چوڻ هو ته آصف زرداري پنجاب جي هارين لاءِ پريشان آهي پر سنڌ جا هاري روڊن تي سراپا احتجاج آهن.

پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته پيپلزپارٽي آبادگارن جا مطالبا تسليم ڪرڻ بدران شگر ملز مالڪن کي تحفظ فراهم ڪري رهي آهي، جنهن سبب آبادگار ڪمند جو فصل ساڙي احتجاج ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ جو عوام پ پ جي وڏيرن کي رد ڪري تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏئي تبديلي آڻيندو…………………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| خانپورمهر ويجهو گبول برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار فائرنگ ، نينگري

خانپورمهر ويجهو گبول برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار  فائرنگ سبب  نينگري زخمي ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے