17 بدھ , اکتوبر 2018

آمريڪا سان جنگ هاڻ ”اڻٽر“ آهي: اتر ڪوريا

پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا چيو آهي ته آمريڪا سان جنگ هاڻ انٽر ٿي وئي آهي، هاڻ اهو معاملو ”ڇا“ بدران ”ڪڏهن“ تائين پهچي ويو آهي. اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت خطي ۾ آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وڏي پئماني تي شروع ڪيل فوجي مشقن تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته هاڻ آمريڪا سان جنگ يقيني ٿيندي پئي وڃي. اهڙو بيان اتر ڪوريا جي پرڏيهي وزارت جي هڪ ترجمان طرفان سامهون آيو آهي، جنهن جو نالو ظاهر ناهي ڪيو ويو پر سندس موجب سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر سميت آمريڪا جي اعليٰ اختيارين طرفان جاري ڪيل بيانن مان واضح آهي ته واشنگٽن پيونگ يانگ سان جنگ جي نيت رکي ٿو. اتر ڪوريائي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته هاڻ سوال اهو وڃي بچيو آهي ته جنگ ڪڏهن شروع ٿيندي، اسان جنگ نٿا چاهيون پر ان کان منهن به نٿا موڙي سگهون، جيڪڏهن آمريڪا اسان جي صلاحيتن جو غلط اندازو لڳائي ڪو ايٽمي خطرو کنيو ته اسان پنهنجي مستقل مضبوط ٿيندڙ ايٽمي صلاحيتن جو استعمال ڪنداسين، پوءِ آمريڪا کي ان جنگ جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي سياستدان عورتون به جنسي هراساني جو شڪار

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اڌ کان وڌيڪ سياستدان عورتن کي به انهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے