17 بدھ , اکتوبر 2018

فوج جو ڪم قوم جي خدمت ڪرڻ آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته فوج هڪ رياستي ادارو آهي، جنهن جو ڪم قوم جي خدمت ڪرڻ آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف ڪوئيٽا ۾ هيومن ريسورس ڊولپمينٽ فار بلوچستان بابت سيمينار ۾ خطاب ڪندي چيو ته مستقبل جو بلوچستان قومي ترقي جي ڪوششن جي انجڻ هوندو، سڀاڻوڪي بلوچستان جو اتر، ڏکڻ توڙي اولهه تائين مثالي رابطو هوندو. هن چيو ته پاڪ فوج ۾ بلوچستان سان واسطو رکندڙ 6 سئو آفيسرن سميت 20 هزار پٽ خدمتون انجام ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته هوائي، سامونڊي فوج توڙي ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ بلوچ ڳڻيا وڃن ته اهو انگ وڌيڪ هوندو. آرمي چيف چيو ته اسان جو مستقبل روشن آهي ۽ نوجوان ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا، اسان وٽ ڪيترائي وسيلا موجود آهن، رڳو انهن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته جمهوريت تي يقين رکان ٿو، سلامتي ۽ ترقي سڀني رياستي ادارن جي قومي ذميواري آهي، پاڪ فوج پنهنجو ڪردار جاري رکندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي سياستدان عورتون به جنسي هراساني جو شڪار

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اڌ کان وڌيڪ سياستدان عورتن کي به انهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے