20 ہفتہ , اکتوبر 2018

شاهد آفريدي ۽ زرين خان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور رانديگر شاهد آفريدي ۽ بالي ووڊ اداڪارا زرين خان گڏ هڪ اشتهار ۾ ڪم ڪيو آهي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي آهي. بالي ووڊ اداڪارا زرين خان ڪرڪيٽ ميدانن تي راڄ ڪندڙ شاهد آفريدي جي تمام وڏي مداح آهي ۽ شاهد آفريدي لاءِ پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪي آهي. آڪٽوبر ۾ دبئي ۾ ٽي 10 ڪرڪيٽ ميلي جي فرنچائز ٽيمن جي لانچنگ تقريب دوران ان شاهد آفريدي لاءِ سڀني اڳيان پنهنجي پسنديدگي جو اظهار ڪندي چيو هو ته هوءَ شروع کان ئي شاهد آفريدي جي تمام وڏي مداح آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هوءَ پختون فرنچائز کي سپورٽ ڪري رهي آهي. ويجهر ۾ ئي هڪ وڊيو جاري ٿي آهي جنهن ۾ شاهد آفريدي ۽ زرين خان نظر اچي رهيا آهن. وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته زرين خان ڳاڙهي رنگ جي اسپورٽس ڪار ڊرائيو ڪري رهي آهي ۽ ان دوران بائيڪ تي سوار هڪ شخص تيزيءَ سان ان جي اڳيان نڪري ويندو آهي، ٻنهي جو ٽڪراءُ هڪ فلنگ اسٽيشن تي ٿيندو آهي جتي زرين خان کي خبر پوندي آهي ته اهو شخص ٻيو ڪو نه بلڪ شاهد آفريدي آهي. وڊيو ۾ زرين چوندي آهي ته ”ان کي پختون هئڻ تي فخري آهي“. ٽي 10 ليگ انتظاميا اهو وڊيو پنهنجي فيس بڪ پيج تي شيئر ڪيو آهي جنهن کي هن وقت تائين هزارين ماڻهو ڏسي ۽ پسند ڪري چڪا آهن. واضح رهي ته شاهد آفريدي ٽي 10 ليگ جي پختون فرنچائز جو ڪپتان جڏهن ته زرين خان ان ليگ جي ايمبسيڊر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pikaraara, accused of sexual harassment by Elizabeth Nourazi, on Bollywood actor Vipul Shah

اداڪارا ايلناز نوروزي پاران بالي ووڊ هدايتڪار ويپول شاهه تي جنسي هرساني جو الزام

ممبئي (شوبز نيوز ) پاڪستاني فلم ”مان جائو نا“ کان ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ ايراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے