21 اتوار , اکتوبر 2018

عوامي مفادن جو سوال

حفيظ چانڊيو

جيئن جيئن اليڪشن ويجهو ايندي پئي وڃي، تيئن تيئن صورتحال دلچسپ ۽ ڳنڀيرتا واري ٿيندي پئي وڃي، هر سياستدان پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي ملڪ جي وڏن وڏن شهرن ۾ سياسي پروگرام ڪرائيندي نظر اچي رهيو آهي، اهي اميدوار جيڪي غريبن جو منهن ڏسڻ کي ناگوار سمجهي، کين وڏن بنگلن جي درن تان اهو چئي موٽائي ڇڏيندا آهن ته“ ڀوتار ننڊ ۾ آهي، يا وري ڀوتار ڪنهن اهم ميٽنگ جي سلسلي ۾ ملڪ کان ٻاهر ويل آهي، اڄ ساڳيا ئي ڀوتار عوام وٽ سياسي حريفن جي هانءَ هارائڻ لاءِ کين پنهنجي عوامي طاقت ڏيکارڻ لاءِ ماڻهن جي درن تي ڏڪا کائيندي نظر اچي رهيا آهن، ووٽن کي ماڻڻ لاءِ هو راتوڏينهان ڪارنر ميٽنگون ڪندي ٿڪجن ئي ڪا نه ٿا، جلسن ۽ جلوسن ۾، سياسي عوامي ميڙاڪن سياستدانن جا عوام کي بس ٺلا آسرا ڏيندي پروگرام ڪري، کين خوبصورت خواب ڏيکاري رهيا آهن، جيڪا سندن منشور ۾ شايد ئي نه هجي پر هو پنهنجي منشور کي پٺي ڏيئي پنهنجي ڀڀن کي ڀرڻ جي چڪر ۾ بي پهچ عوام کي بيوقوف ڪندي نظر اچي رهيا آهن، وقت جو ڦيرو  آهي،

ڪالهه وڏيرن ۽ ڀوتارن پويان مسڪين ۽ بي پهچ عوام هيو، اڄ  مسڪينن جي درن تي اهي ڀوتار ووٽ ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ سندن ڳوٺ ويندي، ڌڌڙ اڏاريندا سهڪي پهچن ٿا ته جيئن کين پنهنجون ڪوڙيون ۽ فريبي همدرديون جتائين ٿا، سياست پاڪ ۽ پوتر جذبي سان سرشار هڪ ڍانچي جو نانءُ آهي، جنهن تحت وطن ۾ رهندڙ ماڻهن سان پيش ايندڙ مشڪلاتن جي سرڪاري سطح تي مدد ڪرڻ سندن آئيني ۽ قانوني حق هجي ٿو، پر افسوس سنڌ ۾ مروج ڀوتارڪي ڪلچر واري سياست اقتدار جي نشي ۾ کين ايڏو ته انڌو ڪري وڌو آهي جو عوامي ميڙاڪن ۾ ”ووٽ کي ٽڪي جو ووٽ چئي، مٿان مُٽڻ جهڙي غيرپارلياماني ٻولي ڳالهائي، ڪروڙها عوام جون دليون رنجائيندي دير ئي نه ٿا ڪن،

هي اهو ديس آهي، جنهن ملڪ ۾ پاناما ليڪس هجي، جي آءِ ٽي هجي، يا اين آرو او هجي، سياستدانن جي سياسي قد ڪاٺ تي ڪو به اثر ناهي ٿيندو، هاڻي جيئن ئي اليڪشن ويجهي ويجهي اچي رهي آهي ته ڀوتارن جون ننڊون ئي ڦٽل آهن، هڪڙا اتحاد ڊهن ٿا ۽ ٻيا وري ٺهن ٿا، جنهن سبب مٿين سطح تي سياست ڪندڙ کلاڙي پريشان پڻ آهن، هرسياستدان پاڻ کي بهترين کلاڙي سمجهندي، اليڪشن واري ماحول لاءِ پنهنجي اچڻ لاءِ رستا سڌا ڪري رهيو آهي، اهڙا سياستدان هر حربو هلائڻ کان ڪين ٿا مڙن، ڪنهن کي دم دلاسو ته وري ڪنهن کي دڙڪا دهمان!! بس جيڪو جتي ڦاٿو.

بک بيروزگاري، مهانگائي، بدامنيءَ غريبن جا اڳ ۾ ئي لاهه ڪڍي وڌا آهن، غريب جديد دور ۾ به بجليءَ جي اڻ هوند شديد پيشان جهڙوڪ دوزخ ۾ جيون گهاريندي پنهنجو خون پگهر جيان وهائي پيٽ پاليندو ٿو رهي، ته ڪٿي هو وري پيٽ گذر لاءِ به پريشان پيو ڏسجي!! ڪٿي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جن پنهنجو اولاد ان آسري تي پاڙهيو ته جيئن سندن اولاد ڪنهن منصف تي پهچي ڪو عزت ڀري روزگار بعد ڪو سک جو ساهه کڻي سگهي سندن پوڙهائپ جو سهارو بڻجي پوي،پر افسوس خراب حڪمرانيءَ سبب انهن غريبن جا خواب صرف خواب ئي رهجي ويا آهن، ڪيترن نوجوانن هٿن ۾ ڊگريون کڻي آفيسرن وٽ چڪر ڪاٽيندي ڪاٽيندي پنهنجون جتيون به ڱسائي ڇڏيون پر کين مايوسيءَ کان بنا ڪجهه به پلئه نه پيو!! افسوس اهڙين حالتن کان مايوس ٿي الائي ڪيترن نوجوانن نراسائيءَ ۽ پريشانين جي ڪن منجهه ڪنهن مڇيءَ جيئن تڙپندي تڙپندي سسڪي سسڪي ساهه ڏئي ڇڏيا پر ڪنهن به سياستدان جي ڪن تي ڪا جونءَ به نه چُري، ا

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۽ صوبائي خودمختياري سان هٿ چراند

علي محمد ميمڻ ملڪ ۾تبديلي واري نئين وفاقي سرڪار اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے