19 پیر , نومبر 2018

شامي فوج جو حلب جي ڀرپاسي وارن علائقن تي ڪنٽرول، 70 شرپسند مارجي ويا

images (4)دمشق(ع آ نيوز) شامي فوج حلب جي مختلف ڀرپاسي وارن علائقن جو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق شامي فوج حلب جي ڏکڻ اوڀر پاسي جي ڀرپاسي وارن علائقن الاعلي، الحيا، اصعير ۽ الميا الڪبيرا کي داعش جي قبضي مان آزاد ڪرائي ڇڏيو. شامي ميڊيا جي رپورٽ مطابق شامي فوج ڇهن مختلف علائقن ۽ ڳوٺن کان سواءِ خناصر، حلب ۽ اثريا روڊ تي به ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. جڏهن ته شامي فوج حماه جي اتر وارن علائقن ۾ 70 کان وڌيڪ دهشتگردن کي ماري ڇڏيو ان علائقي ۾ دهشتگردن جا وڏي انگ ۾ هٿيار به تباهه ڪيا ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جدي ۾ قيد پاڪستانين جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

پشاور(ويب ڊيسڪ) جدي ۾ قيد پاڪستانين جو ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے