14 بدھ , نومبر 2018

مصر جو اڳوڻو پرڏيهي وزير عرب ليگ جو نئون سربراهه چونڊجي ويو

int-al1قاهره(ع آ نيوز) عرب ملڪن جي نمائندگي ڪندڙ تنظيم ”عرب ليگ” جي ميمبرن مصر جي اڳوڻي پرڏيهي وزير احمد ابوالغيظ کي تنظيم جو نئون سيڪريٽري جنرل چونڊي ورتو آهي. 73 سالن جو احمد ابولغيظ اڳوڻي صدر حسني مبارڪ جي اقتدار جي دور جي آخري 7 سالن ۾ سندس پرڏيهي وزير هو ۽ 2011ع ۾ حسني مبارڪ خلاف هلندڙ عوامي احتجاجي تحريڪ جي نتيجي ۾ کيس پنهنجو عهدو ڇڏڻو پيو هو. عرب ليگ ڊگهي غور ويچار کان پوءِ مصر جي گادي واري شهر قاهره ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ احمد ابوالغيظ جي مقرري جي گڏيل طور تي منظوري ڏني. احمد ابوالغيظ 1945ع ۾ قام ٿيل عرب ليگ جو اٺون سربراهه هوندو.ڍ

هي به ڏسي سگهو ٿا

Six Palestinians martyred in clashes during Israel operation in Gaza

اسرائيلي فوج جي غزه تي بمباري،  وڌيڪ 3 فلسطيني شهيد

غزا( ويب ڊيسڪ ) فلسطين جي علائقي غذا ۾ اسرائييلي بمباري ۾ وڌيڪ 3 فلسطيني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے