15 جمعرات , نومبر 2018

ماڊل ٽائون ۾ ظلم ڪندڙ خدا جي پڪڙ کان نه بچي سگهندا: شهريار آفريدي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شهريار آفريدي چيو آهي ته ماڊل ٽائون ۾ ماڻهو ماريا ويا، الله حق ڪندو، ظلم ڪندڙ پڪڙ کان نه بچي سگهندا. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته جن به ظلم ڪيو اهي پاڻ ئي پنهنجو وات کوليندا، تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به ظلم ٿيو، وقتي طور ته ان تي پردو وڌو ويو پر اڳتي هلي حقيقت ضرور سامهون آئي. سندس چوڻ هو ته ماڊل ٽائون ڪيس ۾ راڻا ثناءُ الله ئي شاهد بڻجندو، جن ماڻهن گوليون هلايون اهي ئي پنهنجو وات کوليندا. هن چيو ته ادارن کي خود مختيار بڻايو وڃي ته اهڙي توبت ئي نه ايندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب ۾ دونهون ڪڍندڙ گاڏيون ۽ فيڪٽريون بند ڪرڻ جو حڪم

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ دونهون ڇڏيندڙ گاڏيون ۽ فيڪٽريون بند ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے