13 منگل , نومبر 2018

سيءَ ۾ چپن کي محفوظ رکڻ جا گهريلو ٽوٽڪا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڻي جي گهٽتائي، سگريٽ نوشي، غذائي کوٽ سبب يا مخصوص شئين جي استعمال سبب چپ خشڪ ٿي ويندا آهن. اڄ ڪلهه جي موسم ۾ به اهو مسئلو اڪثر ڏسڻ لاءِ ملي ٿو. چپن کي نرم ملائم ۽ تازو رکڻ لاءِ هي گهريلو نسخا گهڻا فائديمند ثابت ٿيندا آهن.

1: چپن تي ماکي لڳائي ان مٿان ويزلين لڳايو ۽ 10 کان 15 منٽن بعد ڪپهه سان چپن کي صاف ڪري ڇڏيو، ايئن هڪ هفتي تائين ڪيو.

2: کيري جي سنهن قطرن کي چپن تي سٺي طرح مليو ۽ 15 منٽن کانپوءِ صاف پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو.

3: گلاب جي پنکڙين کير ۾ ڪجهه ڪلاڪن تائين ڀڄائي رکو ۽ پوءِ انهن کي مَهٽي تقريبن 15 منٽن تائين چپن تي لڳايو.

4: ٻه چمچا کنڊ ۾ ڪجهه قيتون جي تيل جا قطرا ملايو ۽ ان ۾ اڌ چمچو ماکي ملائي تقريبن 5 منٽن لاءِ رکي ڇڏيو، ان کانپوءِ چڱي طرح چپن تي لڳايو.

5: هڪ هڪ چمچو ليمي جي رس ۽ ماکي ملايو ۽ ان کي سمهڻ کان پهريان چپن تي لڳايو ۽ صبح ڌوئي ڇڏيو.

6: هفتي ۾ 2 ڀيرا چپن تي زيتون جو تيل لڳايو.

7: چپن جي تازگي لاءِ سڀ کان اهم شئي پاڻي آهي، روزانو پابندي سان گهڻي کان گهڻو پاڻي پيئو ٻين فائدن سان گڏوگڏ چپ به نرم ملائم رهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وارَن جا مسئلا ۽ انهن جو حل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏا ۽ مضبوط وارَ هر ڪنهن جي خواهش هوندي آهي ۽ نوجوان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے