20 منگل , نومبر 2018

ڏيپلي ۾ مڙس اولاد نه ٿيڻ تان زال کي گهران ڪڍي ڇڏيو، عورت پاران انصاف جي گهر

ڏيپلو(ن ع آ)ڏيپلو جي لنگھا محلي ۾ اولاد نه ٿيڻ تي مڙس پاران زال کي گھر مان ڪڍي ، سامان پڻ روڊ تي اڇلائي ڏنو ، عورت جو صحافين کي دانهن انصاف جي گھر ، 16 سال ٿيا آھن شادي ٿي کي اولاد نه ٿيڻ ڪري مڙس ٻئي شادي ڪرڻ چاھي ٿو اجازت ڏيڻ باوجود گھر مان ڪڍي ڇڏيو . رحيمان تفصيل موجب. ڏيپلو جي لنگھا محلي (ڏکڻ )۾ فضل لنگھو جي شادي کي 16 سال گذرڻ باوجود اولاد نه ٿيڻ تي سندن زال رحيمان کي گھر مان ڪڍندي سندن گھريلو سامان بسترا ، پيتي وغيره  پڻ گھر کان ٻاھر روڊ تي اڇلائي ڏنو ،جنهن تي متاثر رحيمان صحافين کي ٻڏايو ته منهنجي شادي کي 16 سال ٿيا آھن ليڪن اولاد نه ٿيڻ جي ڪري منهنجو مڙس ٻئي شادي ڪرڻ ٿو چاھي جنهن جي پڻ مون اجازت ڏني ليڪن ھو مون کي پاڻ سان گڏ گھر ۾ رھڻ نٿو چاھي جنهن ڪري ھن مون کي گھر مان ٻاھر ڪڍي منهنجو سامان پڻ مون کي گھر کان ٻاھر روڊ تي اڇلائي ڏنو آھي ، مون غريب سان ظلم ڪيو ويو آھي آئون وس وارن کي اپيل ٿي ڪريان ته مون سان انصاف ڪيو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي : لائٽ هائوس ۾ قائم حددخلين خلاف آپريشن، دڪاندارن جو احتجاج

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ جاري حددخلين خلاف آپريشن دوران اڄ آرام باغ کانپوءِ لائٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے