21 اتوار , اکتوبر 2018

ٽرمپ جو فيصلو دهشتگردن لاءِ تحفو آهي: انور قرقاش

منامه(ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير امور انور قرقاش آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان بيت المقدس کي اسرائيل جو راڄڌانو قرار ڏيڻ تي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙو قدم انتهاپسندن لاءِ هڪ تحفو آهي. بحرين جي راڄڌانو منامه ۾ ٿيندڙ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪي صدر ٽرمپ جو القدس کي اسرائيل حوالي ڪرڻ جو اعلان انتهاپسندن جي خدمت آهي. ٽرمپ جي اهڙي قدم سان خطي ۾ نفرت ۾ اضافو ٿيندو ۽ انتهاپسندن کي پنهنجي مقصد کي اڳتي وڌائڻ جو موقعو ملندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Despite the threats of the Taliban, the polio process continues to be held in Afghanistan for the next day

طالبان جي ڌمڪين باوجود افغانستان ۾  ٻئي ڏينهن به چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ طالبان جي ڌمڪين باوجود …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے