23 منگل , اکتوبر 2018

عالمي انساني حق ۽ اسان جي سنڌ

اڄ انساني حقن جو عالمي ڏينهن آهي، جنهن کي دنيا فخر سان ملهائي رهي آهي، عالمي انساني حقن جو پڌرنامو جيڪو لڳ ڀڳ پنج سئو ٻولين ۾ ترجمو ٿيل آهي جن مان هڪ سنڌي ٻولي به آهي، اهو حق سنڌي ٻوليءَ کي انسان ذات سان جوڙي ٿو.
هن پڌرنامي ۾ انسان جا ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين سڀ حق ڄاڻايا ويا آهن، نه رڳو شخص جا حق انهيءَ پڌرنامي ۾ چٽا ڄاڻايل آهن پر گهر، گهٽي، پاڙي، ڳوٺ، شهر، صوبي ۽ ملڪ جا اهي سمورا حق به انهيءَ ۾ ڄاڻايا ويا آهن، جن حقن لاءِ اهي سڀ ادارا، اسيمبليون ۽ ملڪن جا قانون ۽ آئين ٻڌل آهن، جن ملڪن انهيءَ پڌرنامي تي صحيحون ڪيون آهن يا ان اداري سان جڙيل آهن يعني يو اين او جا ميمبر آهن.
خوش نصيبيءَ سان اسان جو ملڪ به ميمبر ملڪن مان هڪ آهي، جنهن جو مقصد اهو آهي ته ان پڌرنامي ۾ جيڪي به حق ملڪ، ان جو آئين، قانون ۽ ٻيا ادارا ڪنهن به شخص کي ڏين ٿا، اهي سڀ هن ملڪ کي پڻ پنهنجي شهريءَ کي ڏيڻا آهن يا انهن شخصي حقن جو تحفظ ڪرڻو آهي.
عام کان عام انسان جا ڪهڙا حق آهن، جيڪي ڪنهن به طرح ان کي ملڻ گهرجن انهن جو فيصلو، ترقي يافتا ملڪن جا ماڻهو هڪ طرح ڪن ٿا ۽ ترقي پذير ملڪ ٻيءَ طرح ڪن ٿا. سماج يا معاشرا جيتري ترقي ڪن ٿا، انساني حقن جو تحفظ اوترو يقيني بڻجي ٿو. جنهن ملڪ ۾ تعليم جي سطح جيتري مٿاهين آهي، انساني حقن جو احترام اوترو مٿاهون ٿي رهيو آهي، جيڪو سماجن جي اسرڻ جو ارتقائي عمل آهي ۽ سائنسي عمل پڻ.
انساني حقن جي پڌرنامي تي صحيحون ڪندڙ ملڪن کي الڳ الڳ خانن ۾ ورهائي ڏسبو ته مٿين صورتحال چٽي نظر ايندي، پر پوئتي پيل ملڪ جنهن ۾ اسان جو ملڪ به شامل آهي، اتي انساني حقن جو احترام ڪيترو آهي، ان جو اندازو ملڪي آئين، قانون ۽ ادارن جي ڏهاڙي ڪارڪردگيءَ مان ظاهر ٿي رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته طبقن ۽ گروهن ۾ ورهايل سماجن ۾ اهڙو ڪجهه ٿيڻ به جهڙوڪن فطري عمل آهي پر ان کان اڳتي ملڪن جا جوڙيل آئين ۽ قانون ۽ انهن ۾ ماڻهن کي مليل حق، ان ملڪ جي ذهني، سماجي ۽ معاشي صورتحال ظاهر ڪندا آهن، ڪٿي ايئن به ٿي رهيو آهي جو لکڻ جون ڳالهيون هڪ طرف آهن ۽ عمل جون ڳالهيون ٻئي طرف آهن، اسان جو هي ملڪ پاڻ جهڙي معاشي قوت رکندڙن ۾ مٿئين حوالي ۾ پهرئين نمبر تي آهي شايد.

هتان جي سياسي توڻي سماجي جائزي وٺڻ کان پوءِ چٽيءَ طرح معلوم ٿئي ٿو ته انساني حقن جي پڌرنامي ۾ جيڪو به ڄاڻايو ويو آهي ۽ جنهن پڌرنامي تي پاڪستان جي پڻ صحيح ٿيل آهي ان جو هڪ حصو به حق هتان جي رهواسين کي نه ملي رهيا آهن. اهڙو اظهار نه رڳو هتان جو ڏاهو ماڻهو ڪري رهيو آهي پر عالمي ادارا، تنظيمون ۽ ڏاها پڻ الڳ الڳ وقتن تي اهڙي پڌرائي ڪندا رهيا آهن.
آخري مثال اهو آهي جو هاڻ هن ملڪ جون اعليٰ عدالتون پڻ اهڙو اظهار ڪري رهيون آهن، نه رڳو ملڪ ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي پر ان لتاڙ هيٺ اڪثر ننڍن صوبن ۽ اتان جي رهاڪن جون زندگيون به اچي رهيون آهن.
جڏهن ڪنهن شخص کي ڪو به ملڪ زندگيءَ جو تحفظ ڏئي نه سگهي ته يقينن ان مان ٻين ڪهڙن حقن جي شخص اميد رکي سگهندو؟ اهو الميو پاڪستان جهڙن ٻين به ڪيترن ئي ملڪن سان لاڳو آهي.
انساني حقن جي ڊگهي لسٽ مان ڪي بنيادي حق ئي هن ملڪ ۾ قبوليت ماڻي وڃن ته شايد عام ماڻهوءَ ۾ جيئڻ ۽ هن ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ ڪجهه يقين پيدا ٿي پوي. جيڪو اعتماد هن ملڪ جا ادارا توڻي حڪمران وڃائي ويٺا آهن.
ڪنهن به شخص جي رياست/ ملڪ کان گهر گهڻي وڏي ٿيندي آهي، جڏهن اهو ملڪي قانون ۽ آئين جي پاسداري ڪندڙ هجي، سماجي قانون جو احترام ڪندڙ هجي ۽ هڪ باترتيب زندگي جيئڻ چاهيندو هجي، ان لاءِ ملڪ يا رياست پاران مڙهيل سڀ ٽئڪس ايمانداريءَ سان ڀريندو هجي. اهو موٽ ۾، سٺي صحت، مناسب تعليم، گهربل روزگار جي گهُر ته ڪندو ئي، جيڪا گهر اسان جي رياست وٽ قبول پيل نه آهي.
عالمي انساني حقن جي پڌرنامي تي ڊگهيون تقريرون ڪندڙن حڪمران ملڪ جي ستر سالن جي تاريخ ۾ اتان جي رهواسين کي فقط پيئڻ جو صاف پاڻي نه ڏئي سگهيا آهن ٻئي پاسي عام ماڻهو جيڪا زندگي گذاري رهيو آهي ان جو ورجاءُ شايد غير ضروري لڳي، ڇاڪاڻ ته اهڙو اظهار گهڻو ورجائجي چڪو آهي ۽ ورجائجي رهيو آهي.
اڄ جي هن اهم ڏينهن تي اسان سڀ جيئن ته هن ملڪ جا رهندڙ آهيون ۽ هيءُ ملڪ يو اين او جو ميمبر ملڪ آهي، ساڳي وقت انساني حقن جو تحفط ڪندڙ ملڪ چوائي رهيو آهي، ان ڪري سندس اهميت ۽ مرتبي کي نظر ۾ رکندي، اسان فقط هڪ ننڍڙي گهُر ڪريون ٿا جيڪا اسان جي بنيادي حقن ۾ پهرئين نمبر تي اچي ٿي.
اها هيءَ آهي ته هيءُ ملڪ پاڪستان ڀل عالمي انساني حقن جي پڌرنامي ۾ انسانن کي ڏنل مڙني حقن کي عام انسانن/رهواسين تائين نه رسائي، هڪ حق ضرور هن کي ڏيڻ کپي ۽ اسان کي ملڻ کپي ته هت انساني حقن جي لتاڙ ته هلي پئي ۽ رهندي پر انساني زندگين جي لتاڙ نه ڪئي وڃي، اسان جي فقط اها ننڍڙي گهر آهي ڇاڪاڻ ته انساني پڌرنامي ۾ اسان انسان ڄاڻايا ويا آهيون ۽ انسان هجڻ جي ناتي اها اسان جي گهر به آهي ۽ حق به آهي.
جيڪڏهن هن ملڪ ۽ ان جي ادارن انساني زندگين جي لتاڙ ختم ڪئي ته پڪ سان هو يو اين او جي ايندڙ اجلاس ۾ اعليٰ مرتبي سان وڃي سگهندا. ٻئي پاسي اسان هن ملڪ جا رهواسي خوش ٿينداسين ته اسان جي بنيادي حق جو تحفظ ڪيو آهي، ٻيو ڇا گهرجي.

آچر 10 ڊسمبر 2017ع، 21 ربيع الاول 1439 هه

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف کي ” نئين پاڪستان“ لاءِ ڪجهه گذارشون

اطلاعن موجب تحريڪ انصاف 100 ڏينهن جي حڪومت دوران ملڪي معاملن کي سڌو ڪرڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے