15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪتاب اسان جا دوست آهن

ابورافع

سنڌي ڪوتائن جي چونڊ تي ٻڌل ڪتاب

گجرات سنڌي ڪوتا سنگرهه

تاريخي طور شاهه سائينءَ  جي سُر سرورٺ  ۾ ايندڙ جاگرافيءَ  جون حدون سنڌ کي سو راشٽر پرڳڻي سان ڳنڍين ٿيون ، جيتوڻيڪ ڪراچي ۽ ان جي آس پاس  جا حصا سامونڊي توڻي زميني طور مها راشٽر پرڳڻي سان ڳنڍيل  قبول ڪيا وڃن ٿا. ائين گڏيل هنڌستان ۾ڪراچيءَ جو سڌو سئون سامونڊي لاڳاپو مهاراشٽر جي راڄڌاني ۽ اڄ جي مهانگري ممبئيءَ سان  جڙيل هئو، تڏهن ئي شايد سامونڊي پٽيءَ تي جڙيل ڪراچي ۽  ممبيءَ  کي جاڙا شهر سڏيو ويو آهي.

هن کنڊ جي پراڻي تاريخ  اهو ٻڌائي ٿي.

برٽش دور ۾ چڱو ئي وقت سموري سنڌ انتظامي طور ممبئي پر يزيڊ نسي جي اثر هيٺ رهي  ائين مهارا شٽر  پرڳڻو پنهنجون ويڪريون سرحدون رکندو آيو، برٽس  سرڪار پنهنجي انتظامي سهوليت خاطر ممبئيءَ کي صوبو بڻايو ۽ ان ۾ چار ڊويزون جوڙيون ويون،هڪ خود ممبئي ٻين گجرات، ٽئين ڪرناٽڪ ۽چوٿين سنڌ

انگريزن جي آزاديءَ کانپوءِ به گجرات مهار اشٽر جو حصو جيئن  جو تئين ايستائين رهيو. جيستائين اوڻيهه سئو سٺ عيسويءَ ۾ گجرات صوبو الڳ وجود ۾ آيو. يقينن گجراب صوبي بڻجڻ کانپوءِ  مرهٽي راجا باجيراءِ ۽ مستانيءَ  جهڙو رومانوي داستان رکندڙ  مهار اشٽر پنهنجون ويڪريون سرحدون وڃائي ويٺو پر سچ اهو آهي ته باجيراءَ مستانيءَ  جو رومانوي داستان اڄ  به مهاراشٽر پرڳڻي ۾ تازو توانو آهي. ۽  هاڻ اصلي  ڳالهه جيڪا مون کي لکڻي آهي.

اڻيهه سئو سٺ  عيسويءَ ۾ گجرات صوبي جو وجود ٿيو، جيڪو اڳ ممبئي جي ڊويزن هئو  ائين ٻه هزار ڏهه عيسويءَ ۾ صوبي کي جڙئي پنجاهه سال ٿيا، جنهن سبب ان جي پنجاهين سالگرهه طور ان جي گولڊن جوبليءَ جي جشن ملهايو ويو هئو، زندگي جي الڳ الڳ شعبن ۽ سرڪاري ادارن ان ۾ ڀاڳ ورتو. گولڊن جوببليءَ  جو انتظام گجرات سرڪار ڌام ڌوم سان ڪيو. ائين علمي ادبي  ادارن به ان ۾ حصو ورتو، گجراتي ٻوليءَ جي ادارن به گولڊن جوبليءَ جو موقعي تي ڪيترائي ڪتاب ڇاپيا ساڳئي وقت گجرات صوبي جي سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ پاران پڻ ان موقعي تي ڪي ڪتاب شايع ڪرايا ويا جن مان  هڪ اهم ڪتاب

” گجرات سنڌي ڪوتا سنگرهه،“   آهي.

ظاهر آهي ته هن ڪتاب ۾اُن شاعريءَ جي چونڊ آهي، جنهن شاعريءَ  جو دائرو، اڌ صدي  ويڪرو آهي ۽ ان کي سهيڙيو آهي ، گجرات جي راڄ  ڌاني احمد آباد ۾ رهندڙ نهايت تخليقي شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ساڳئي وقت جديد شاعرن مان منهنجي وڻندڙ هڪ اهم شاعر ۽ دلبر دوست واسديو موهيءَ

هيءُ ڪتاب گجرات ۾ ورهاڱي کانپوءِ وسندڙ سنڌي شاعرن جي  چونڊ آهي، جيڪا تڪڙ ۾ اسان سنڌ وارن جي ادبي برادريءَ کي اهو ٻڌائي ٿي ته اڄ  تائين گجرات جي حدن ۾ ڪهڙا سنڌي شاعر رهن ٿا. جن مان ڪي اڄ  اسان وٽ نه آهن ۽ گهڻو حصو اڄ  به موجود آهي ۽ لکڻ پڙهڻ سان لاڳاپيل آهي.

پڪ سان ائين ته آهي ته سنڌيءَ ۾ ننثر توڻي نظم لکندڙ هاڻ مجموعي طور هند مان گهٽحي  رهيا آهن ۽ پڙهندڙ ته بنهه آهن ئي ڪونه، اڄ  هنڌ ۾ لکڻ  وارا به ساڳيا آهن ته پڙهن وارا به ساڳيا آهن، جنهن سبب هاڻ  سنڌيءَ ۾ لکڻ  ان نسل لاءِ روح  جي تازگي ئي آهي جن سنڌ ۾ جنم ورتو يا ورهاڱي کانپوءِ واري هڪ ڏهاڪي  اندر  هند ۾ جنم ورتو، ائين گجرات ۾  به نئون لکندڙ بنهه نه جي برابر آهي.

ان جي ڀيٽ  ۾ سنڌ اندر لکندڙن ۽ پڙهندڙن جو چڱو انگ موجود آهي، ان ڪري هند ۾ سنڌي عربي لپيءَ ۾ چپجندڙ ڪوبه ڪتاب، هاڻ سنڌ جي پڙهندڙن لاءِ ئي سمجهڻ گهرجي، پوءِ به هند سرڪار، سنڌي اڪيڊمين کي مدد ڪري سنڌي ٻوليءَ لاءِ اتساهه ۽ جيئڻ  جو سبب مهيا ڪري ٿي کيس حسن هجي. ائين گجرات سرڪار به پنهنجي  گولڊن جوبليءَ  جي موقعي تي،گجراتي ٻولي ۽  صوبي / راجيه جي ٻين ٻولين جي واڌاري لاءِ جيڪي ڪم ڪري رهي آهي، ان جو مثال  هيءَ  ڪتاب به آهي.

هڪ ايڊيٽر /  سمپادڪ طور واسديو موهيءَ  جو ڪيل ڪم وڻندڙ ته آهي،پر اهو سچو پچو عيوضيپڻو ادا ڪندڙ به آهي. جنهن لاءِ هڪ کان وڌيڪ  مثال  موجود آهن. جيڪي  واسديو موهيءَ  لاءِ ساراهه کڻي اچن ٿا ۽  تازو مثال هيءُ  ڪتاب آهي. جيڪو پڻ گجرات ۾ رهندڙ ڪوين /  شاعرن  جي عيوضي چونڊ تي ٻڌل آهي. ڪن رهجي ويلن کانپوءِ  به هيءُ انگ اسان جي علمي ادبي  ڄاڻ  ۾ واڌارو ڪري ٿو ته ۽ خوشي ڏئي ٿو ته هڪ ئي وقت گجرات ۾ هيترو انگ سنڌي ڪوين / شاعرن جو موجود آهي.

واسديو موهيءَ  جي چونڊ جو ٻيو اهم ڳڻائڻ وارو پاسو  اهو آهي. ته هو ڪنهن به پاسخاطريءَ کان سواءِ چونڊ ڪري ٿو، جنهن ڪري سندس چونڊ ۾ سڀ  ادبي  ڌارئون ۽ انهن جا لکندڙ موجود هوندا آهن.ساڳئي  وقت شاعريءَ  جون پڻ لڳ ڀڳ  سڀ صنفون پنهنجو درشن ڪرائينديون آهن.

تخلقي طور جيئن ته موهي جديد يا نئين ڪوتا جي  آس پاس رهندڙ  آهي ان  ڪري سندس چونڊ ممڪن حد تائين، روايتي صنفون کڻن جي باوجود ويچار جي سطح تي  اهي نئين شعر جو اولڙو پاڻ سان کڻي اينديون آهن.  جن مان  خود موهيءَ  جي ويچار  ۽ تخليقي سطح  جو پتو به پوندو آهي.

گجرات جي سنڌي ڪوتا /  شعر جي دائري ۾آيل هيءَ چونڊ به اهڙا اولڙا کڻي آئي آهي، جيڪي نئين ڪوتا / احساس جو ڏس ڏين ٿيون. ٻيءَ طرح هي عيوضي چونڊ آهي ان  ڪري هن چونڊ  ۾ روايت کان غير روايت ۽ جديديت کان بعد جديديت  جو سفر آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو  ۽ اهڙو سٽاءُ  واسديو موهيءَ جي ذهانت جو ضامن آهي.

جيتوڻيڪ هن عيوضي چونڊ ۾گجرات ۾ رهندڙ ڪي اهڙا نالا به آهن جيڪي جيترو ڪوتا / شاعريءَ جي حوالي  ۾اهم آهن، اوترو ئي نثر جي تخليقي توڻي ٻين صنفن ۾اهم آهن، چوڻ جو مقصد ته اهي پنهنجون  هڪ کان وڌيڪ سڃاڻپون رکندڙ آهن. پرهت هڪ ڪويءَ / شاعر طور شامل آهن.

مثال طور مان هريش واسواڻيءَ جو نالو کڻڻ کان پاڻ کي روڪي نٿو سگهان، ائين ڪن ذهين ڪوتا ڪارن جي نالي سميت هيءَ چونڊا هڙي آهي. جيڪا پڪ سان گجرات جي سرحدن اندر تخليق جي سرجڻ کي محفوظ  ڪري ٿي ۽  هڪ دستاويزي اهميت جو بڻائي ٿي،  جنهن لاءِ بحرحال ڪنهن به طرح منهنجو دوست واسديو موهي محبتون لهڻي.

” گجرات سنڌي ڪوتا سنگرهه“ جيڪو پنهنجي وچ ۾  ستهٺ ڪو / شاعر سمائي بيٺو آهي. اهو گجرات صوبي جي سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ گانڌينگر پاران ڇپايو ويو آهي. پڪي جلد ۽وڻندڙ ٽائيٽل واري هن ڪتاب ۾ ٻه سئو  تيرهن صفحا آهن. ڪتاب جو ملهه هڪ  سئو چاليهه رپيا آهي. هيءُ  املهه ڪتاب موڪلي سچ پچ واسديو موهيءَ  مون تي وڙڪيو آهي ڌڻي توفيق ڏيندو ته مان اهو ياد رکي سگهان ۽ بس.!

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے